شاهه لطيف جي ميلي جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ … نور سنڌي

                 دنيا جي عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي 283ھين عرس مبارڪ جي حوالي سان ثقافت، سياحت کاتي سنڌ جي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ميلي جي انتظامن کي بھتر بنائڻ لاء ڪيل فيصلن- جن ۾ صفائي سٿرائي جو بھتر انتظام، پانڌيئڙن جي پيئڻ جي پاڻيءَ لاء ميلي ۾ مخٿلف ھنڌن تي سبيلون لڳائڻ، ميلي ۾ مختلف ھنڌن تي ميڊيڪل ڪئمپون، رورل ھيلٿ سينٽر ۾ مخٿلف بيمارين جا اسپيشلسٽ ڊاڪٽر، ميڊيڪل ساز و سامان، گھربل دوائون، منشيات تي سختيءَ سان ڪنٽرول، درگاھ تي پانڌيئڙن لاء اوقاف پاران لنگر جو انتظام،  ڀٽ شاهه جي شھرين کي گاڏين جون پاسون جاري ڪرڻ، ميلي ۾ خراب معيار جي مٺائي، چانھہ ماني ھلائيندڙن جون مٺايون،  ھوٽلن تي خراب تيل ۽ ڪيميڪل وارو کير ضايع ڪرڻ ۽ مٺائيء جي دوڪانن ۽ ھوٽلن وارن تي ڏنڊ ھڻڻ ۽ انھن جي دوڪانن ۽ ھوٽلن کي سيل ڪرڻ، ڳنڍي ڇوڙن تي پڪڙ، کيسا ڪاٽڻ جي وارداتن کي روڪڻ  سميت ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. ان موقعي تي ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته  ميلي ۾ پوليس جي زيادتين ۽ پانڌيئڙن جا کيسا ڪٽجڻ جون شڪايتون تمام گھڻيون ٿينديون رھيون آھن. ھن سال اھي شڪايتون نه  اچڻ گھرجن. ان موقعي تي ڊي سي مٽياري ۽ ايس ايس پي مٽياري انھن فيصلن تي  عمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. آئون 1982ع کان صحافيءَ جي حيثيت سان شاھ لطيف جي ميلي جي حوالي سان ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شريڪ ۽ ميلي جي ڪوريج ڪندو رھيو آھيان، پر گذريل ڪجھه سالن کان ميلي جي حوالي سان ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. گذريل سال ته  گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل فيصلن تي عمل نه  ٿيڻ تي ڪيترائي سوال اٿيا. ڊي سي مٽياري  ميلي جو فوڪل پرسن ھوندو آھي، جنھن جي ذميواري ھوندي آھي ته ميلي جي حوالي سان گڏجاڻين ۾ ٿيل فيصلن تي عمل ڪرائي. امن امان قائم رکڻ، زائرين جي حفاظت جو ذمو پوليس جو آھي پر گذريل سال ميلي ۾  ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون چند نظر آيون، جڏھن ته  ھر سال ٽيھن کان وڌيڪ ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳنديون آھن. جتي ھر سال سبيلون لڳنديون آھن، اتي منرل واٽر جي بوتلن جا دوڪان ھئا، اتان زائرين کي ويھ روپين جي ننڍي بوتل پنجاهه روپين ۾ ملي رھي ھئي، جنھن ڪري زائرين پيئڻ جي پاڻيءَ لاء پريشان ھئا. اھڙيون خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي آيون پر اھڙين شڪايتن کي ٔڊي سي صاحب نظرانداز ڪري ڇڏيو. ثقافت، سياحت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه گذريل ميلي کان اڳ اعلان ڪيو ته  ميلي جي پارڪنگ  کان درگاھ تائين فري شٽل سروس شروع ڪئي ويندي. ان جي ذميواري ڊي سي کي ڏني وئي.  ميلي کان اڳ اڳوڻي  ڊي سي پاران اھڙي سروس جون تصويرون به  شيئر ڪيون ويون پر ميلي جا ٽئي ڏينھن ڪا به گاڏي نه ھلائي وئي. صحت کاتي پاران ميلي ۾ مختلف ھنڌن تي ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ واري فيصلي تي به مڪمل عمل نه  ٿيو. ھونئن ته  ميلي ۾ پوليس گردي ته  ڪافي عرصي کان ٿيندي آھي پر گذريل سال پوليس گردي صفا عروج تي ھئي. مختلف رش وارين جاين تي پوليس بنا سبب جي لطيفي پانڌيئڙن تي- جيڪي لطيف سائينءَ جا مھمان ھوندا آھن، لٺيون وسايون، جيڪو عمل قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آھي. پوليس عوام جي محافظ آھي، انکي جلاد وارو ڪردار ادا نه  ڪرڻ گھرجي. لطيف سائينءَ جي ميلي ۾ ھر سال ڳنڍي ڇوڙن جو وڏو آزار ھوندو آھي. ھزارين لطيفي ڀانڌيئڙن جي کيسن مان پئسا ۽ موبائيل نڪري وڃن ٿا، جڏھن ته  ميلي ۾ موبائل جي ڦر جون وارداتون به ٿين ٿيون. اھڙيون رپورٽون پوليس داخل ڪرڻ لاء تيار نه  ھوندي آھي.

ميلي جي موقعي تي اوقاف کاتي جي  ڪارگردگي نظر نه ايندي آھي. گڏجاڻين ۾ اوقاف کاتي جا ڪيل اعلان ھوا ۾ اڏامي ويندا آھن. گذريل سال ميلي جي حوالي سان ڪيل گڏجاڻي ۾ خراب مٺائي، ڪيميڪل واري کير ۽ غير معياري ماني، غير معياري شربت وارن جي چيڪنگ ڪرڻ، غير معياري مٺايون، چانھہ مانيءَ جي چيڪنگ لاء فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي وارن کي سختيءَ سان ھدايتون ھيون پر انھن تي عمل ڪونه ٿيو. ميلي جي حوالي سان ميٽنگن ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ڪرائڻ ڊي سي  جي ذميواري آھي. شيخ گذريل ميلي ۾ اڳوڻي ڊي سي مٽياري يوسف شيخ جي ڪارگردگي تي  ڪيترائي  سوال اٿيا. شيخ صاحب ته بدلي ٿي ويو، ھاڻ نئون ڊي سي  محمد دانش ذاڪر اچي ويو آھي. اسان پر اميد آھيون ته نئون ڊي سي پنھنجو فرض نڀائيندي   ميلي جي حوالي سان ٿيندڙ گڏجاڻين ۾  ٿيل فيصلن ۽ اعلانن تي عمل ڪرائيندو. ساڳئي وقت ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو، جيڪو  مشھور پوليس آفيسر شھيد عبدالعزيز بلو جو فرزند آھي، ان به ميٽنگ ۾ يقين ڏياريو ھو ته ماضي ۾ پوليس جي زائرين سان ٿيندڙ زيادتين جو ورجاء نه ٿيندو، نه  وري سماجي برايون ٿيڻ ڏبيون، پانڌيئڙن کي ڳنڍي ڇوڙن کان بچائڻ لاءِ ھر طرح جون ڪوششون ڪيون وينديون. اوقاف جو چيف ايڊمنسٽريٽر مختيار ابڙو ان ميٽنگ ۾ يقين ڏياريو ته درگاھ تي زايرين کي ھر طرح جون سھولتون ڏيڻ ۽ لنگر جي انتظام کان ويندي صفائي، ٿڌي پاڻيءَ جو انتظام ڪبو. ڊي ايڇ او مٽياري زاھد ميمڻ  لطيفي پانڌيئڙن کي علاج معالجي جون بھترين سھولتون ڏيڻ  ۽ ميلي ۾ مختلف ھنڌن تي ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ جي ڳالھ ڪئي پر سڀ ڳالھيون وساري ڇڏيائين. سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ھن سال ميلي جي حوالي سان ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ڪيل  فيصلن تي عمل ٿيندو؟ ھن سال ماضيءَ جيتريون سبيلون لڳنديون؟ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي وارا پنھنجو ڪردار ادا ڪندا؟ ھيلٿ کاتو ميٽنگ ۾ ٿيندڙ فيصلن موجب ڪارگردگي ڏيکاريندو؟ لطيفي پانڌيئڙن جا کيسا  محفوظ رھندا؟ پوليس ميلي ۾ پوليس گردي ڪرڻ بجاءِ حقيقي محافظ وارو ڪردار ادا ڪندي؟اوقاف وارن جي ڪارگردگي بھتر ھوندي؟ ميلي ۾ مھانگائي خلاف ڪارروائي ٿيندي؟  ميلي ۾ مختلف ھنڌن تي سرڪاري طور ٺھيل واش روم زائرين لاءِ مفت ۾ ھوندا يا ھر سال وانگر غير قانوني طور پئسا ورتا ويندا؟ اسان کي اميد آھي ته لطيف سائينءَ جي ميلي جي حوالي سان سب عملدار پنھنجو ڪردار ادا ڪندا. اسان نئين ڊي سي مان اميد رکون ٿا ته  گذريل سال جي ڪوتاھين کي سامھون رکندي ھن سال  ميٽنگ ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ڪرايو ويندو. 

لطيف سائينءَ جي عرس مبارڪ جي الڳ اھميت آھي، جتي سڄي سنڌ گڏ ٿئي ٿي.  سڀني کاتن جي آفيسرن تي قانوني ۽ اخلاقي فرض ٿو عائد ٿئي ته  ھو ميلي جي حوالي سان گڏجاڻي ۾  جيڪي فيصلا ڪيا ويا آھن، انھن تي عمل ڪيو وڃي. جيڪو به کاتو ڪوتاھي ڪري ته ان خلاف نوٽيس، وٺي ڪارروائي ڪرڻ ثقافت سياحت کاتي جي وزير جي ذميواري آھي  اميد آھي سيد ذوالفقار علي شاھ پنھثجي ذميواري نڀائيندو.