Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_6s6lvtqcu5ojdgha70ud33el8p, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
شاهه لطيف جي هڪ بيت بابت ويچار ... ڊاڪٽر نواز علي شوق - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar شاهه لطيف جي هڪ بيت بابت ويچار ... ڊاڪٽر نواز علي شوق - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

شاهه لطيف جي هڪ بيت بابت ويچار … ڊاڪٽر نواز علي شوق

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري شاهه جي رسالي ۾ سر سري راڳ جو هڪ بيت آهي،
وکر وهائي لونڙ، رنگ کٿوري گهرين
ڀنگو تنهنجو ڀر تي جم ڳالهايين ڪوڙ
وڃائين م موڙ، کٽئو تنهنجو گهورئو
هن بيت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته هي وچئين دور جي رسالن جو بيت آهي، مختلف قلمي رسالن ۾ هر هڪ سٽ جون مختلف پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن، (ڊاڪٽر صاحب انهن قلمي رسالن جا نالا ڏنا آهن،پرهتي اختصار کان ڪم وٺندي فقط مختلف پڙهڻيون ڏجن ٿيون)
پهرين سٽ: وکر وهايون لوڻ، رنگ کٿوري گهرين
وکر وهايئي لوڻ ، رنگ کٿوري گهرين
وکر وهايون لوڻ، ٿو رنگ کٿوري گهري
وکر وهائي لوڻ، دنگ کٿوريءَ گهرين
ٻي سٽ: مگو تنهنجو ڀر تي ، جم ڳالهائين ڪوڙ
ڀڳو تنهنجو ڀر تي، جم ڳالهايين ڪوڙ
ٽئين سٽ: جم وڃائي مور، کٽو تنهنجو گهورئو
جم وڃايين مور، کٽئو تنهنجو کوهه پئو
جم وڃائيين مور، کٽئو تنهنجو تو رسو
وڃائج م مور، کٽئو مٿائين گهورئو
کٽئو تنهنجو توکي رسيو، وڃائج م مور
کٽئو تنهنجو ئي گهوريو، وڃائج م مور
کٽئو تنهنجو توکي رسئو، جم وڃائج م مور
ڊاڪٽر بلوچ اهي مختلف پڙهڻيون ڏيڻ کان پوءِ ڪن لفظن جي سٽ وار معنيٰ ڏني آهي، جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي.
(1)وکر وهائي لونڙ، لوڻ جو وکر خريد ڪري ، لوڻ سودي ، رنگ ، سوائي ، تور ۽ وزن کان ڪجهه وڌيڪ (ورتل شي جي تور کان پوءِ وٺندڙ دڪان واري کان گهر ڪري رنگ وٺندو ۽ چوندو ته مٿان ڪجهه رنگ وجهي ڏئي پر رنگ ساڳي شيءِ جي ملندي. هت ان مڃيل شيءِ ڏانهن اشارو ته رنگ ساڳي شيءِ جي ملندي، باقي لوڻ جي خريداري تي کٿوري جي رنگ ڪانه ملندي.
(2) ڀنگو، جهڳو : ڪمزور ڪکن جو گهر، ڀر تي : درياهه ڪنڌي تي، سمنڊ جي بلڪل ڪناري لڳ (ٻنهي حالتن ۾) هر وقت خطري اندر جو ٻڏي وڃي، جم : جئن م ، متان .
(3) موڙ: موڙي ، مور، کٽئو : نفعو ، گهورئو : ٻڌ پيو، کوءِ پيو، (ڏسو شاهه جو رسالو ، شاهه جو ڪلام جلد ٻيو (ڇاپو پهريون) ص 370- 371 ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سنه 1992ع.
حقيقت هي آهي ته شاهه لطيف جي شيداين ۽ شارحن وٽ شاهه جي رسالي جا جيڪي هڪ، ٻه يا ٽي قلمي نسخا هئا، هنن انهن جي آڌار تي شاهه جو رسالو تيار ڪيو، اهڙي ريت گهڻائي رسالا تيار ٿيا، ڪن پنهنجي علائقي ۾ مروج اچارن جي آڌار تي الفاظ ۽ اچار بدلائي ڇڏيا، ڪي وري اصل لفظ سمجهي نه سگهيا ڪٿي ڪاتب کان سهو ٿي وئي، ان ڪري شاهه جي مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ وڏو تضاد نظر اچي ٿو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهرين عالم آهي جنهن پنجاهه قلمي نسخن جو مواد محفوظ ڪري اسان کي امانت طور ڏنو آهي جيڪو سندن وڏو ادبي احاسن آهي هينئر اسان جو فرض آهي ته اهو هنئين سان هنڊائي ان تي سوچ ويچار ڪريون اهو سمورو مواد جيڪو ڏهن ضخيم جلدن تي مشتمل آهي، سو ڌيان ۽ گيان سان پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن عالم کي ڪا پڙهڻي ڪو لفظ موزون نٿو لڳي ته هو ان قيمتي ۽ ڪارائتي مواد جي آڌار تي ڪا ٻي نئين پڙهڻي يا ڪو نئون لفظ ڏئي سگهي ٿو. شاهه جي شارحن، لغت جي ماهرن مختلف لفظن جون جيڪي معنائون ڏنيون آهن سي جيڪڏهن ڪنهن کي موزون نه ٿيون لڳن ته هو مدلل نموني معتبر لغتن جي حوالن سان وڌيڪ موزون ۽ مناسب معنائون ڏئي سگهي ٿو پر اهي اهڙيون هجن جيڪي دل سان لڳن ۽ بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم سان ٺهڪي اچن، يعني ان سان بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم اهڙو چٽو ٿئي، جو هرڪو واهه واهه چئي.مختلف قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن جي پهرين مصرع ۾ بطور قفيه لوڻ لفظ ڏنو ويو آهي پر جڏهن سڄو بيت پڙهجي ٿو ته هر سٽ جو قافيو مختلف آهي، ٻي سٽ جو قافيو ڪوڙ آهي، ٽئين سٽ ۾ مور قافيو آهي، اهو بيت رسالن ۾ هن ريت نظر ايندو.
وکر وهائي لوڻ ، رنگ کٿوري گهرين
ڀنگو تنهنجو ڀر تي ، جم ڳالهائين ڪوڙ
وڃائين م مور، کٽيو تنهنجو گهوريو
شاهه سائين جي بيت ۾ ايترا قافيه جا عيب ٿي نه ٿا سگهن، ڊاڪٽر بلوچ جيڪا پڙهڻي ڏني آهي، ان قافيه جو عيب نظر نه ٿو اچي، اهائي صحيح پڙهڻي آهي، لوڻ کي عام اچار ۾ لونڙ چيو ويندو آهي، ڀٽائي جي ڪيترن ئي بيتن ۾ عوامي اچار نظر اچن ٿا. مثال طور ڀٽائي بغير لفظ عام اچار موجب بگر استعمال ڪيو آهي.
ڪونهي ڪميڻي جو بگر تو بلو
ساڳي ريت حرف ر کي ڙ ڪري به لکيو ويندو آهي، ۽ مور لفظ جي جاءِ تي قافيه جي مناسبت سان موڙ لفظ آڻڻ صحيح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اصل موڙي اصل رقم شاهه جو رسالو مرتب ڪرڻ وارن عالمن بيت جي پهرين مصرع جو پويون اڌ هن ريت لکيو آهي، رنگ کٿوري گهرين تنهنڪري معنيٰ ۽ شرح به ان پڙهڻي مطابق ڏني وئي آهي، پر منهنجي ناقص راءِ موجب اهو لفظ رنگ نه پر رنگ آهي، شاهه جي شارحن رنگ لفظ جي صرف هڪ معنيٰ تي توجهه ڏنو، يعني رنگ اڇو، ڳاڙهو، پيلو وغيره هوندو آهي، حالنڪه هڪ لفظ جون ٻيون معنائون به ٿي سگهن ٿيون. رنگ فارسي زبان جو لفظ آهي، فارسي به عربي زبان وانگر قديم ۽ شاهوڪار زبان آهي تنهنڪري ان زبان ۾ به هڪ لفظ جون گهڻيون ئي معنائون آهن، فارسي صدين تائين سنڌ جي سرڪاري زبان رهي، تنهنڪري سنڌ جا رهواسي فارسي زبان کان واقف هئا، شاهه جو رسالو پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب کي نه صرف سنڌي زبان تي عبور حاصل هو پر هو عربي فارسي ۽ هندي زبان جو به عالم هو، رنگ لفظ جون 34 معنائون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
رنگ: 1- رنگ 2- حصو ۽ نصيب 3- عيب ۽ شرم 4- رنج و صحت 5- قوت ۽ توانائي 6- جان 7- زبردست اٺ 8- مال و زر 9- نفعو فائدو 10- فقيرن جي گودڙي 11- طرز ۽ روش 12- پهاڙي ٻڪر ۽ ڏاند 13- فڪر و حيله 14- زمين مان ڦٽڻ 15- خوبي 16- خوشي ۽ تندرستي 17- شرمندگي ۽ شرم 18- خون 19 رونق ۽ لطافت 20- ٿوري مڏي 21- سون چاندي 22- چوري 23- جوئا جا پئسا 24- صاحب و حاڪم 25- پيءُ 26- مامو 27- نقطو 28- سٺو ڪم ڪرڻ وارو 29- جهانجج 30- عضه و غضب 31- ابريشم 32- خيانت 33- مال و اسباب 34- مثل وانگر (ڏسو لغات ڪشوري – از تصدق حسين ص 217)
مٿي جيڪي معنائون ڏننيون ويون آهن تن مان نمبر 8 ۽ نمبر 9 تي جيڪي معنائون ڏنل آهن سي مصرع جي معنيٰ ۽ مفهوم سان ٺهڪي اچن ٿيون ڀٽائي فرمائي ٿو ته اي وڻجارا تون لوڻ وڪڻي ان جي منافعي ۾ کٿوري ڪيئن ٿو گهرين؟ معمولي شيءِ وڪڻي وڏي مال و زر جي ڪيئن اميد ٿو ڪرين؟ اهو ته ٿي ئي نه نٿو سگهي، مال آهر مٺائي يا معاوضو ملندو آهي، ڏئين لوڻ ٿو ۽ سڌون کٿوري جون ڪرين ٿو معمولي شيءِ جو معاوضو به معمولي ملندو تون ته کڻي ئي لوڻ آيو آهين، اهو ته لوڻ پاڻي ٿي ويو، ولايت ۾ وڻج واپار ڪرڻ لاءِ ڪا قيمتي شيءِ آڻين ها ته پوءِ ان جو منافعو به توکي گهڻو ملي ها. ان کان علاوه شاهه صاحب انسان جي فنائيت ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڀٽائي سر سري راڳ يا سامونڊي ۾ ڪٿي به وڻجارن جي حوالي سان رنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، هي هڪ معنوي بيت آهي، جنهن ۾ ڳوڙهي معنيٰ سمايل آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀلا ڪو وڻجارو ولايت لوڻ ڪيئن کڻي ويندو؟ ان قسم جو مضمون سر سري راڳ جي ٻين بيتن ۾ پڻ سمايل آهي، مثال خاطر ٻه بيت پيش ڪجن ٿا.
ڪائو ڪمايو م ، موتي مون وڻجئا
سيهي جو سيد چئي، وکر وهايو م
اوچتو آيو م ، سودو صرافن سين
وکر ڍيرو ڍير، پر وهائو ويسلا
ڪن وهائي وس ڪئي، وکر وڏي وير
ڪني گهمندي سير، وکر وڪامي وئو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *