خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اونھاري جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻئين سيميسٽر جا ڪلاس شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊينز
ڪاميٽي جو اھم اجلاس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا. فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي جو مين ڪيمپس سان گڏ شھدادڪوٽ ۽ گھوٽڪي ڪيمپسز پڻ اونھاري جون موڪلون ختم ٿيڻ
بعد 15 آگسٽ 2023 تي کوليا ويندا ۽ ٻئين سيميسٽر جا ڪلاس ساڳئي ڏينهن کان شروع ٿي ويندا