شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ ويمن بيڊمنٽن چيمپئن شپ جي تقريب جي پڄاڻي، کٽيندڙن کي انعام

  شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ ويمن بيڊمنٽن چيمپئن شپ جي تقريب جي پڄاڻي، کٽيندڙن کي انعام

خيرپور(رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسپورٽس سيڪشن پاران منعقد ڪيل آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي ويمن بيڊمنٽن چيمپيئن شپ انعام ورهائڻ جي تقريب سان پڄاڻي تي پهتي. پڄاڻي واري تقريب جي مهمانِ خاص سکر ڊويزن جي ڪمشنر عابد سليم قريشي کٽيندڙ رانديگرن ۽ ٽيمن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي قومي سطح جو ايونٽ علائقي ۾ اتحاد، هم آهنگي ۽ امن کي هٿي ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته کيس فخر آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ملڪ جي هن وڏي ايونٽ جي ڪامياب ميزباني ڪئي. ڪمشنر رانديگر شاگردياڻين جي جذبن کي ساراهيندي کين وڌيڪ محنت ۽ بهتر راند رويي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيمپيئن شپ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته شاگردياڻين جي ڪارڪردگي ثابت ڪري ٿي ته عورتن ۾ راندين جي ميدان ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن. ڊائريڪٽر اسپورٽس مراد پيرزادو پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين مان 32 ٽيمن چيمپيئن شپ ۾ حصو ورتو. تقريب جي پڄاڻي تي رانديگرن، ٽيمن ۽ عملي کي ٽرافيون ۽ ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو، پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد منگي، پروفيسر ڊاڪٽر فرمان منگي، ڊاڪٽر شازيا سولنگي، ڊاڪٽر عاشق علي لغاري، پروفيسر اعجاز شيخ، پروفيسر عشرت ميراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر جواد حسن، ڊاڪٽر فهيم جتوئي، وسيم ڪلھوڙو، اعجاز مهر، امجد سومرو، تاج محمد ۽ ڊائريڪٽر فنانس قاضي نظام الدين سميت ڪيترن معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.