| شاهه لطيف ڀٽائي درگاهه جي وقتي سجاده نشين پاران ايڪتا ڏهاڙي جي حمايت |
ڀٽ شاهه (ن پ ا) درگاهه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي منشيات کان پاڪ سنڌ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفيٰ حسين شاهه لطيفي پاران 7 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو وچن ورجايو ويو ۽ مريدن، عقيدت مندن توڙي نوجوان شاگردن کي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن سيد مصطفا حسين شاه لطيفي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته علي قاضي جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو سلوگن اسان جي خاص ڪري گادي نشين سيد وقار حسين شاھ جي دل وٽان آهي ڀٽائي جي درگاهه توڙي ٻيون درگاهون ۽ مشائخ اڳواڻ منشيات جي خلاف آهن علي قاضي بهترين سلوگن جو اعلان ڪيو آهي هن چيو ته اڄ کان تقريبن 10 سال اڳ ۾ سجاده نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي درگاه ڀٽائي تي منشيات خلاف جهاد جي شروعات ڪئي هئي سنڌ جي ثقافت عظيم، شاهوڪار ۽ هزارين سال قديم آهي ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ تي علي قاضي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، منشيات جي روڪٿام لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي پنهنجو ڪردار ڪري نوجوان نسل کي بچائڻ گهرجي، سيد مصطفا حسين شاه جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان شاگردن کي به اپيل ڪندس ته پنهنجي پنهنجي ادارن سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽيز ۾ به پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي، 7 ڊسمبر تي ڀٽائي جي مريدن ۽ عقيدت مندن طرفان منشيات کان پاڪ سنڌ جي نعري سان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو ويندو،