شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو نصرپوري بزرگ، عالم ۽ شاعر شاهه عنايت رضوي، شاهه لطيف جو هم عصر شاعر سڏجي ٿو. جڏهن شاهه لطيف شاعري شروع ڪئي، ان وقت شاهه عنات جي عمر پنجاهه سال هئي، سندن فن ۽ فڪر جو لطيفي فن تي اثر آهي. شاهه عنايت رسالي کي سرن سان ترتيب ڏيئي جوڙڻ جو رواج وڌو جو کانئن پوءِ ڀٽائيءَ اوج تي آندو. شاهه عبداللطيف جي ولادت 1102هه/1689ع ۾ ٿي، کانئن اڳ جيڪي شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان اهميت جوڳو آهي ۽ انهن جا ڪجهه بيت شاهه لطيف جي گنج ۾ پڻ ملن ٿا. اهي ميون عيسو هالائي، ميون عنايت رضوي ۽ احسان فقير لانگاهه هالائي آهن. انهن شاعرن جو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي وڃڻ ڄاڻائي ٿو ته هو آڳاٽا ۽ شاهه صاحب جا وڏا همعصر آهن. ميين شاهه عنايت 1120-1125هه ڌاري وفات ڪئي. اندازي مطابق شاهه لطيف جي عمر انهيءَ وقت 24 سال هئي. ميين عنايت جا پنجاهه کان مٿي بيت شاهه لطيف جي رسالي جي پراڻن نسخن ۾ اچي ويا. انهيءَ مان اهو به گمان ڪري سگهجي ٿو ته سندن بيتن ۽ لطيفي بيتن ۾ ڪافي حد تائين هڪجهڙائي آهي. فن ۽ فڪر جو تخيل، لفظن جي اُڻت، بيتن جو گهاڙيٽو، ڪجهه هنڌن تي ساڳيو ملي ٿو، جنهن سبب ڪري اهي سهيڙيندڙن کي لطيفي بيت معلوم ٿيا آهن. جي پوءِ ڇنڊ ڇاڻ سان الڳ ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون) جي صفحي 115 تي لکيو آهي، ميين عنات جي معيار کي ڪو به نه رسيو. سندس رسالو، ابتدائي رسالن مان هڪ آهي، مقدار جي لحاظ کان به اول رسالو آهي، ڪلام ۾ توحيد، تصوف، اخلاق، نيم تاريخي داستان ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا عڪس ملن ٿا، رسالي ۾ 22 سُر موجود آهن. جي ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سري راڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيتسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو آهن، جن مان چند کان سواءِ ٻيا شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهن. کانئن اڳ شاهه لطيف جو تڙ ڏاڏو شاهه ڪريم سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر موجود هو، جنھن جي ڪلام ۽ فڪر جو اثر پڻ ميين عنايت جي ڪلام تي آهي ۽ شاهه لطيف به اها ساڳي واٽ ورتي پر پنهنجو هڪ الڳ اسلوب پڻ آندو، جنهن کين شاعرن جو سرتاج بڻايو. جا شاهوڪاري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آهي سا ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ نه ملندي. هتي موضوع جي حوالي سان شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جي بيتن جي هڪجهڙائي، فن ۽ فڪر ۽ ساڳئي نقطئه نظر جي ڀيٽ لاءِ چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.
شاهه عنايت:
رنڍا جن سين روڙيا، محبت پائي مَنَ ۾،
شاهه لطيف:
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن.
شاهه عنايت:
تتي ڪوسيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
اٿ سسئي ٻڌ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آهه،
عشق آري ڄام جو، چقمق جيئن چهٽاءِ،
اکين مان ’عنات‘ چئي، پاڻي پنبڻين واهه،
ڪانهي ان اوندهه، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
شاهه لطيف:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اوندهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
شاهه عنايت:
اڻ چوندن ڪِيم چو، چوندن چيو وسار،
اٺيئي پهر ’عنات‘ چئي، پر اها ئي پار،
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿيين.
شاهه لطيف:
اَڻ چوندنِ مَ چَئوُ، چُوندِن چَيو وسار،
اٺ ئي پهر ادب سين، پَرِ اها ئي پار،
پايو منهن مُونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مُفتي مَنجهه ويهار، ته قاضي ڪانيارو نه ٿيين.
(8-23 يمن ڪلياڻ)
شاهه عنايت:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي پار،
شاهه لطيف:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي ڪي پار.
شاهه عنايت:
گلبدن جون گوجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون،
انهم پر ’عنات‘ چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجريءَ گڏيو.
شاهه لطيف:
جهڙا گُل گُلاب جا، تَهڙا مَٿن ويس،
چوٽا تيل چَنبيليا، ها ها هو هميش،
پسيو سُونهن سيد چي، نينهن اچن نيش،
لالڻَ جي لبيس، اَتَڻَ اَکَرُ نَه اُڄَهي.
(سر مومل راڻو، 3-1)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس ڪلام ميون شاهه عنايت جو ڪلام جي عنوان سان ڇپايو. مقدمي ۾ صفحي نمبر 90 تي لکيو آهي ته: مئين شاهه عنايت قالب گهڙيا، ته ڀٽائي صاحب اهي سوڌي سنواري ڀريا، مئين شاهه عنايت ديوارون کنيون ته ڀٽائيءَ عمارتون اڏيون، ۽ مئين شاهه صورتون ايجاد ڪيون ته ڀٽائي صاحب اهي روح ڦوڪي جاڳايون. ميون شاهه عنايت ڄڻ ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بڻجي آيو.
مئين عنايت جي ڪلام ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ آهن. وٽس موضوعن جي وسعت آهي. ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه عنايت شاهوڪار شاعر آهي. هن پاڻ کان اڳ جي شاعرن، جن ۾ شاهه ڪريم به اچي وڃي ٿو، جي موضوعن ۽ فن جو اثر ورتو آهي، بيتن ۽ واين جي لحاظ کان هي پهريون رسالو آهي. سندس شاعري پنهنجي دور ۾ مشهور رهي. پوءِ جا شاعر کانئن متاثر رهيا، جن ۾ شاهه لطيف جي حوالي سان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب جي ڪلام تي شاهه عنايت رضوي جي فن ۽ فڪر جو اثر چٽو موجود آهي.