اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ٿيل پهرين اسپيشل عدالت سائيفر ڪيس ۾ گرفتار شاهه محمود قريشي جو چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو
ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي کي اسپيشل ڪورٽ آڏو پيش ڪري 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي
اسپيشل ڪورٽ جي اضافي چارج سنڀاليندڙ اَي ٽِي سِي جج ابوالحسنات جسماني رمانڊ واري استدعا تي ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو
عدالت شاهه محمود کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو، شاهه محمود کي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ساڳئي ڪيس ۾ اسد عمر به گرفتار ٿيل آهي