شاهه محمود قريشي به گرفتار: ياسمين راشد سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتارين لاءِ حڪمت عملي تيار

مَي 11, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪري ورتو، ياسمين راشد ۽ٻين اڳواڻن جي گرفتارين لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي. تفصيل موجب چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بعد  تحريڪ انصاف خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي،  اسد عمر، فواد چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کان پوءِ اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪ گير پرتشدد واقعن ۾ ملوث 2200 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 200 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، پنجاب ۾ پرتشدد ڪارراين ۾ ملوث 1386 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ترجمان موجب وڳوڙي ڪاررواين ۾ پنجاب ۾ 145 کان وڌيڪ پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جي استعمال هيٺ 69 گاڏين کي به نقصان پهتو، خيبرپختونخوا ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ هيل تائين 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 106 زخمي ٿيا، پشاور ۾ 4، ڪوهاٽ ۾ 2 ۽ دِير ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته زخمين ۾ 36 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار به شامل آهن، پوليس موجب ڪي پي ۾ پرتشدد مظاهرن  ۾ ملوث 296 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 350 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment