لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) شاهه محمود قريشي جي ڪيسن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سندس ڌيءُ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي
جسٽس باقر نجفي شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ نور بانو جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواست ۾ نوربانو استدعا ڪئي آهي ته شاهه محمود قريشي کي 9 مئي کانپوءِ داخل ٿيندڙ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن
نور بانو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته پنجاب پوليس 9 مئي کانپوءِ ڪنهن به ڳجهي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کي گرفتار ڪري سگهي ٿي
لاهور هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، پنجاب حڪومت کي سڀاڻي تائين تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي