شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي ڪا خبر ناهي: اسلام آباد پوليس پاران لاعلمي ظاهر

مَي 24, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شاهه محمود قريشي جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

شاهه محمود جو وڪيل بيرسٽر تيمور ملڪ ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل جظمت بشير عدالت ۾ پيش ٿيو آهي

اسلام آباد پوليس عدالت کي ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي ڪٿي آهي ڪا خبر ناهي

پوليس ٻڌايو ته شاهه محمود تي اسلام آباد ۾ ٻه ڪيس داخل آهن ۽ سندس خلاف 6 پراڻا ڪيس آهن

عدالت گهرو وزارت کي حڪم ڏنو ته شاهه محمود ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار آهي ان بابت آگاهه ڪيو وڃي

چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض