اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي 10 جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي
پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر پنهنجن وڪيلن سوڌو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيا
عدالت ٻنهي اڳواڻن جي هڪ هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، عدالت پوليس کان ڪيس جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي
واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي پشاور هاءِ ڪورٽ راهداري ضمانت پيش نه سبب رد ڪئي هئي ۽ کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو