شاهه محمود قريشي 26 جولاءِ تائين گرفتاري کان بچي ويو

جُولاءِ 18, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت ۾ 26 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي

شاهه محمود قريشي اسلام آباد جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ڪهنه ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

عدالت رمارڪس  ۾ چيو ته جيڪڏهن شاهه محمود قريشي جو ڄاڻايل ڪيس ۾ ڪو ڪردار نه آهي ته  بي گناهه لکي ڇڏيو

شاهه محمود قريشي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڪي پي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو پارٽي قيادت نوٽيس وٺندي، اڳواڻن وڊيو بيان ڏئي پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين کان لاتعلقي جواعلان ڇو ڪيو

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار