شاهه محمود ۽ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم: ٻيهر گرفتار ڪيو ته سخت نتيجا نڪرندا: هاءِ ڪورٽ

مَي 18, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٿري ايم پي او تحت شاهه محمود قريشي جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب طاهر رمارڪس ڏنا ته ڪجهه به ٿئي، توهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ته ٺيڪ نه پيو ٿئي، ڪو ڪمپرومائز نه ٿيندو، جيڪو ملوث هوندو ان کي سزا ڏينداسين،

جيڪي ساڙيا ويا اهي پاڪستان جا ۽ اسان جا اثاثا آهن پر عورتن کي ائين نه پڪڙيو وڃي، قانون تي عملدرآمد ٿيندو. آءِ جي اسلام آباد چيو اسان ڏٺو آهي ته گهريلو عورتن پنهنجي مڙسن کي به قتل ڪيو آهي، گهريلو عورتون ڪجهه ٻين سرگرمين ۾ ملوث ٿي سگهن ٿيون. عدالت چيو هڪ ڳالهه ياد رکو، اسان جي عدالت مان آزادي کانپوءِ ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو ته وڏو مسئلو ٿيندو، اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت نتيجا هوندا، هڪ گهريلو عورت کي گرفتار ڪرڻ تي توهان کي گڊ ٽو سي يو نٿا چئي سگهون،

توهان قانوني ڪارروائي ڪيو پر اهو ڇا ته توهان گهريلو عورتن کي ئي گرفتار ڪري ورتو، اسان شهريار آفريدي جي گهرواري جو حلفي بيان وٺي کيس آزاد ڪري رهيا آهيون. جنهن کانپوءِ عدالت شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي جي گهرواري کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته شيرين مزاري کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته عدالتي حڪم تي ياسمين راشد کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Leave A Comment