شاهين ون ڊي ۽ سلمان آغا ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان برقرار:  هيڊڪوچ کي به گرين سگنل

شاهين ون ڊي ۽ سلمان آغا ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان برقرار:  هيڊڪوچ کي به گرين سگنل

 لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي جو شڪار ٿيندڙ ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به فارميٽ ۾ ڪپتان ۽ ڪوچ تبديل نه ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ابتڙ ڪرڪيٽ بورڊ پاليسين ۾ تسلسل چاهي ٿو.ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن معاهدي موجب ڪم جاري رکندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪپتان سلمان علي آغا ۽ ون ڊي فارميٽ ۾ ڪپتان شاهين آفريدي کي بورڊ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، ڪرڪيٽ بورڊ ماضي جي شڪستن کانپوءِ ڪوچ ۽ ڪپتان کي هٽائڻ بدران انهن تي اعتماد ڪرڻ چاهي ٿو،