| شاهپورجهانيان: زميني تڪرار تان ڀائٽين چاچي کي معذور ڪري ڇڏيو |
شاھپورجهانيان (ن پ ا) شاهپور جهانيان لڳ زميني تڪرار تان ڀائٽين چاچي کي ٻنهي ٽنگن کان معذور ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ نور محمد جا قبا ۾ زميني تڪرار تان ڀائٽين پنهنجي چاچي امان جتوئي تي ڪهاڙين سان حملو ڪري ٻنهي ٽنگن کان معذور ڪري ڇڏيو، زخمي امان جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته زميني تڪرار بابت نيڪ مردن وٽ فيصلو پڻ ٿيو هو، انهي باوجود ڀائٽين حملو ڪيو، هاڻ هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي پيو آهي.