شاهپورچاڪر: استاد تي 2 شاگردياڻين کي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، معطل، گرفتار، ڪيس داخل

ڊسمبر 10, 2024

شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاهپورچاڪر جي گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ پرائمري استاد پاران مبينا طور اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻن نياڻين کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ نازيبا حرڪتون ڪرڻ خلاف والدين احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ غلام علي خاصخيلي ۽ ولي محمد سيال چيو ته اسڪول ۾ ٻن معصوم نياڻين کي سندن ئي استاد پاران ڪيتري ئي عرصي کان مبينا طور هراسان ڪيو پئي ويو ۽ چپ ڪرائڻ ۽ مائٽن کي نه ٻڌائڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون، هنن چيو ته اسان جون نياڻيون ماهين سيال ۽ راحيلا خاصخيلي کي پرائمري استاد خالد ملاح شام جو ٽيوشن سينٽر تي اسان جي نياڻين سان ڪافي عرصي کان غير اخلاقي حرڪتون ڪندو رهيو آهي، ٻيون به نياڻيون آهن پر خوف جي ڪري ڪير سامهون نه پيو اچي، هنن مطالبو ڪيو ته الزام هيٺ آيل استاد خلاف ڪارروائي ڪري ازالو ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊائريڪٽر ايجوڪيشن نصير احمد جوڳي الزام هيٺ آيل استاد کي معطل ڪري رپورٽ ڪرڻ جو چيو آهي. ٻئي طرف شاهپورچاڪر ۾ اسڪولي شاگردياڻين کي  مبينا جنسي حراسان ڪندڙ استاد خالد حسين ملاح خلاف اسڪولي شاگردياڻي ماهين جي والد ولي محمد سيال جي فرياد تي شاهپورچاڪر پوليس اسٽيشن تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد پرائمري استاد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment