| شاهپورچاڪر: خوني ٽينڪر چنگچي کي چيڀاٽي ڇڏيو: عورت فوت: 6زخمي |
شاهپورچاڪر(ن پ ا) شاهپورچاڪر تيز رفتار آئل ٽينڪر چنگچي رڪشا کي چيڀاٽي ڇڏيو: عورت فوت: 6زخمي، ان ڏس ۾ نوابشاهه _سانگهڙ روڊ تي الحسيني پيٽرول پمپ سامهون ڳوٺ مٺو سهتو جي رهواسين سان حادثو پيش آيو چنگچي ۾ سوار مسمات عربي ڌي خميسو سهتو ٿڏي تي دم ڏنو جڏهن ته 3 عورتون مسمات سڀاڳي، مسمات سلميٰ ۽ مسمات راحت، 7 ورهين جي ٻارڙي اقراء ۽ چنگچي ڊرائيور شوڪت علي زخمي ٿي پيا جن کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو