شاهپورچاڪر: ٻارن جي جهيڙي تان ناري ڪارنهن تهمت هڻي ڏيرن هٿان قتل

شاهپورچاڪر: ٻارن جي جهيڙي تان ناري ڪارنهن تهمت هڻي ڏيرن هٿان قتل

شاهپورچاڪر (رپورٽ: ذوالفقار ڏاهري) شاھپور چاڪر ڀرسان ڏيرن  هٿان ٽن  ٻارن جي ماءُ بيدردي سان قتل، ان ڏس ۾ ڳوٺ مجنون چانگ واسي بخت علي خاصخيلي جي  زال  45 ورهين جي وزيران کي ڏيرن رحم حسين خاصخيلي ، مير حسن خاصخيلي ۽ صيفل خاصخيلي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد جوابدار  فرار ٿي ويا، پوليس لاش رورل هيلٿ سينٽر شاهپورچاڪر منتقل ڪيو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سمس  اسپتال شهداد پور منتقل ڪيو، جتي پڻ پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، بعد ۾لاش کي واپس رورل هيلٿ سينٽر آڻي پوسٽ مارٽم  ڪرايو ويو، مقتوله جي مڙس بخت علي خاصخيلي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي  زال کي  منهنجن ڀائرن گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو آهي، اهي روزانو ٻارن جي معمولي معمولي ڳالھ تان جهيڙا ڪندا هئا، اڄ به انهن گهريلو تڪرارجو بهانو ڪري منهنجي زال کي بيگناه قتل ڪيو آهي،  هوڏانهن مقتوکل جي ڌي ۽ پٽ پڻ چيو ته سندن ماءَ کي چاچن قتل ڪيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڏيرن ڪارنهن الزام تحت قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف  ايس ايڇ او شاھپور چاڪر موجب ت مقتوله  جو لاش سندس گهر جي دروازي وٽان مليو آهي پوليس جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي