شاهپور جهانيان: خوني ٽرالر مدرسي جي استاد  کي چيڀاٽي ڇڏيو: طالب زخمي

شاهپور جهانيان: خوني ٽرالر مدرسي جي استاد  کي چيڀاٽي ڇڏيو: طالب زخمي

شاهپورجهانيان( ن پ ا) شاهپور جهانيان لڳ خوني ٽرالر مدرسي جي استاد  کي چيڀاٽي ڇڏيو: طالب زخمي، ان ڏس ۾شاھپورجهانيان جي  مدرسي جو استاد ۽ شاگرد موٽر سائيڪل تي موري کان شاهپورجهانيان اچي رهيا هئا ته قومي شاھراھه  تي ڳوٺ حمير ٻگهيو سامهون پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ٽرالر کين زوردار ٽڪر هنيو، جنھن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو استاد مولوي منٺار سومرو فوت ٿي ويو، جڏهن ته شاگرد رقب ڪٻر شديد زخمي ٿي پيو،جنهن کي نواشاھ اسپتال نيو ويو. جڏهن ته  ڊرائيور ٽرالر سميت ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو