شاهپور چاڪر ۾ ڏوهارين اسڪول به نه ڇڏيو، سامان کڻي فرار

مَي 28, 2023

شاهپورچاڪر( ن پ و) شاهپور چاڪر ويجهو چوڪيدار کي يرغمال بڻائي هٿياربند اسڪول مان سامان کڻي فرار ٿي ويا

ڳوٺ عبدالواحد چن جي اسڪول ۾ 5 جوابدارن هٿيارن جي زور تي اسڪول جي چوڪيدار کي يرغمال بڻائي کٽ سان ٻڌي لکين روپين جي ماليت جو يو پي ايس ، چار بيٽريون،ريسيور،ايل،سي،ڊي.پنج ڇت وارا پکا ۽ ٻيو سامان کڻي ويا

چوڪيدار واقعي بابت اسڪول انتظاميا کي آگاهي ڏني جنهن بعد فقير محمد ڏاهري شاهپورچاڪر پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس پهچي انتظاميا کان ڄاڻ وٺي چوري جي واردات جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

Leave A Comment