شاپنگ سينٽر کي باهه: مال رپورٽ اچڻ تائين سيل، جاچ ڪاميٽي پاران ادارن لاءِ سوالنامو جاري

نومبر 28, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شاپنگ مال کي باهه لڳڻ وارو واقعو، جاچ رپورٽ اچڻ تائين شاپنگ مال کي سيل رکڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪالهه فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جو ميمبر ايس پي انويسٽيگيشن اوڀر آر جي شاپنگ  مال پهچي عمارت جو جو معائنو ڪيو، جنهن بعد ايس پي انويسٽيگيشن اوڀر امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي اسان جو ٻيون دورو آهي، ڊي آءِ جي ايسٽ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، اسان ڪاميٽي ۾ هڪ انجنيئر کي به شامل ڪيو آهي، هتي اسان ڪيتريون ئي شيون ڏٺيون جيڪي رپورٽ ۾ شامل ڪيون وينديون، هن وقت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، واقعي بابت مختلف ادارن ڏانهن سوال نامو موڪليو ويو آهي، انهن سوالن جا جواب اچڻ بعد شيون واضح ٿينديون. هن چيو ته ڪيتريون ئي شيون پڻ غائب آهن، ڪابه ڳالهه لڪائي نه ويندي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جلد ئي ماهر ۽ انجنيئر به هن عمارت جو دورو ڪندا. هن چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ڪا به تڪڙ نه ڪئي وئي، ڪيس ۾ صرف ڄاڻ ڏني وئي، ڪيس دير سان داخل ڪريون ها ته عدالت ۾ ڪيس ڪمزور ٿي وڃي ها، ابتدائي جاچ ۾ جيڪي شيون سامهون آيون آهن، اهي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايون ويون آهن، انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن جي لاپرواهي سبب ايڏو وڏو نقصان ڏسي افسوس ٿيو،  اليڪٽرڪ سٽي ڪنيڪشنز، اڪيسپلوزو ايڪسپرٽس، فائر ايڪسپرٽس ۽ ٻين ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، ڪوشش ڪنداسين ته ماهرن جون خدمتون وٺي شفاف جاچ ڪريون ته جيئن حقيقتون واضح ٿين، باهه ڪٿي ۽ ڇو لڳي، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو،  حتمي رپورٽون اچڻ بعد انڪوائري ڪميٽي ڪجهه چئي سگهندي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد جاچ مڪمل ڪريون، اسان کي احساس آهي ته ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي، هتي ماڻهن جو  ڪاروبار به آهي پر ماهرن جي اچڻ ۽ ثبوت گڏ ٿيڻ تائين عمارت سيل رهندي

Leave A Comment