اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو مصنوعي ذهانت جي استعمال طرف اهم قدم
آءِ ٽي وزارت پهريون مصنوعي ذهانت پاليسي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو سمورن شعبن ۾ هاڻي جديد ٽيڪنالاجيز استعمال ڪرڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي
صحت تعليم صنعتي مالياتي سيڪٽر زراعت ۽ سرڪاري آفيسن ۾ مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي استعمال ٿيندي
ملڪ ۾ پهرين فيز ۾ 10 لک ماڻهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي جي استعمال جي تربيت ڏني ويندي ان حوالي سان 10 هزار ٽرينرز کي هائر ڪيو ويندو آءِ ٽي وزارت هڪ الڳ فنڊ قائم ڪندي جنهن کي قومي مصنوعي ذهانت ٽيڪنالاجي فنڊ جو نالو ڏنو ويندو
گريڊ 12 کان 22 تائين جي سرڪاري ملازمن کي مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ٽريننگ ڏني ويندي مصنوعي ذهانت کي پرائمري، سيڪنڊري ۽ اعليٰ تعليم جو حصو بڻايو ويندو
پاليسي مطابق مصنوعي ذهانت ۾ تحقيق ڪندڙ شاگردن کي سکيا سان گڏ گرانٽس ڏني ويندي ان حوالي سان اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ مصنوعي ذهانت سينٽر ٺاهيا ويندا