| شاگردياڻي سان هراسمينٽ معاملي ۾ ملوث استاد معطل، نوٽيفڪيشن جاري |
ڄامشورو(رپورٽر) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ استاد پاران شاگردياڻي کي هيسائڻ واري معاملي ۾ يونيورسٽي انتظاميا بيسڪ سائنسز اينڊ رليٽيڊ اسٽڊيز شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف علي ابڙو کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر ڪاشف علي ابڙو کي هلندڙ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين فوري طور ڊيوٽي تان معطل ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها ڪارروائي 4 مئي 2026ع واري اڳوڻي آفيس آرڊر جي تسلسل ۾ ڪئي وئي آهي يونيورسٽي انتظاميا موجب چيئرمين سنڊيڪيٽ ۽ لاڳاپيل اختيارين جي منظوري بعد استاد کي معطل ڪرڻ جو فيصلو لاڳو ڪيو ويو آهي واضح رهي ته ڊاڪٽر ڪاشف علي ابڙو تي ايم فل ڪندڙ شاگردياڻي سوڀ خاصخيلي کي هيسائڻ جا الزام آهن، جنهن معاملي جي جاچ هن وقت جاري آهي