قاضي احمد(رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ جي ڳوٺ لونگ کوسو جي بااثر جوابدار ڌرين مٿان 10 ڪلاس جي شاگردياڻي شمائلا کوسو مبينا اغوا ڪري زبردستي نڪاح ڪرڻ توڙي زندگي کي خطرو قرار ڏيندي تحفظ جي گھر ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آھي
شاگردياڻي شمائلا کوسو الزام هنيو آھي ته بااثر ڌر جوابدارن آءُ پنهنجي پيُ سان گڏ ڪجھ ڏينهن اڳ اسڪول پئي آيس ته امير شاھ جي لانڍي وٽ علي حيدر کوسو ,نواب کوسو ,شھمير ,سڪندر ,شعيب ,دوست محمد کوسو ۽ غفور زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويا
سندس چوڻ هو ته جوابدارن مونکي ڪراچي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ رکيو جنهن بعد تشدد ۽ مارڪٽ بعد شعيب کوسو زبردستي نڪاح ڪيو جتان وجھه وٺي ڀڄي نڪتي آھيان
هن وڌيڪ چيو ته مذڪوره جوابدارن مان جان جو خطرو آھي مون کي تعليم جاري رکڻ نٿا ڏين مون کي منهنجي مائٽن کي جان جو خطرو آھي زندگي بچائي وڃي نينگري الزام هنيو آھي ته ڪجھه ڏينهن اسڪول جا پيپر ڏيڻ لاءِ گرلس اسڪول قاضي احمد نڪرندي ٻيهر مون کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پيءُ جان بچائي
حراسمنٽ جو شڪار ٿيل شاگردياڻي شمائلا کوسو ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏھن تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندس جنهن جي ذميواري بااثر ڌرين تي هوندي منهنجي موت جا ذميوار مٿي ڄاڻايل جوابدار هوندا
هن آئي جي پوليس سنڌ ,ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ,ايس ايس پي سميت ٻين وس وارن ادارن توڙي عورت تنظيمن ۽ انساني حقن کي تحفظ جي اپيل ڪئي آھي