شاگردياڻي فهميده ڪيس ۾ مک جوابدار جو 4 ڏينهن جو رمانڊ: ساٿي اڃا آزاد گهمندڙ

شاگردياڻي فهميده ڪيس ۾ مک جوابدار جو 4 ڏينهن جو رمانڊ: ساٿي اڃا آزاد گهمندڙ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار عابد لغاري 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، ميرپورخاص پوليس جوابدار کي فرسٽ جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج جي عدالت آڏو پيش ڪيو، عدالت پوليس جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي جوابدار کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھراسمينٽ ۽ ذھني ٽارچر سبب پاڻ کي گولي ھڻي آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاريءَ جي ڪيس ۾ عدالت ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي ڪيس ۾ نامزد خانگي ميڊيڪل جي پرنسپال ظفر حسين ۽ سندس گهر واري پروفيسر فرزانه ضمانت تي آزاد آهن، پوليس جوابدار عبدالله ۽ عبدالرحمان کي گرفتار نه ڪري سگهي.
 

فھميده لغاري بابت جاچ ڪميٽي رد: سهائي کان جاچ ڪرايو: امر سنڌو

ڪراچي: وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ پرفيسر امر سنڌو ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميده لغاري واري واقعي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي تي عدم اعتماد جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايس پي سھائي ٽالپر جي سربراھي ۾ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جنهن کي نائلا رند واقعي جي جاچ جو تجربو آھي، هن چيو ته  فھميده لغاري واقعي جي داخل ايف آءِ آر جي جاچ پڻ ايس ايس سطح جي آفيسر کان ڪرائي وڃي، ضلعي پوليس  ڪجهه  ملزمن جا نالا خارج ڪرائڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ 7 ڪلاڪ لڳايا، هن چيو ته  احتجاج تي ويٺل فهميده جي والده ۽ وارثن سان پڻ مقامي پوليس جو رويو درست نه ھو، انهي ڪري ميرپورخاص پوليس جي جاچ تي اعتبار نٿو ڪري سگھجي،  ھن مطالبو ڪيو ته  سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جي روڪٿام لاء وزير اعليٰ پاران اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي وڃي.
 

فهميده ڪيس: احتجاج ڪندڙ 10 شاگردن مٿان دهشتگردي ڪيس داخل

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو پوليس فهميده جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي دهشتگردي ايڪٽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.  ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي، روڊ بلاڪ ڪرڻ، هنگامي ۽ ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ سميت ٻيا سنگين قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ يوسف جسڪاڻي، پير بخش، آفتاب، علي نواز شهباڻي، بسمل سنڌي، آزاد درس، راوي ميگهواڙ، فراز تنيو، نادر کوسو ۽ زبير احمد شامل آهن، جڏهن ته 60 اڻڄاتل ماڻهن کي به جوابدار بڻايو ويو آهي.
 

شاگردياڻي فهميده لغاري ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان ۽ ٻين شهرن ۾ ميرپورخاص يونيورسٽي جي ميڊيڪل شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات واري ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي  مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊومحمد خان ۾  پيسٽيسائيڊ فرينڊز گروپ طرفان ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آصف چانڊيو، مير بادشاھ، سليم ميمڻ، منور علي بروھي، جمشيد ميمڻ، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي، حيدرآباد ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ايسوسئيشن جي طرفان سينگار چانڊيو، امير خاصخيلي ۽صابر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.