| شاگرد اڳواڻ غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت ۾ 21 جنوري تائين واڌ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگرد اڳواڻ غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت ۾ 21 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪيس جي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل 21 جنوري تائين دليل ڏيڻ جي مهلت طلب ڪئي، ٻڌڻي دوران غني امان، سندس ڀيڻ سنڌو امان، سرمد ميراڻي ۽ وڪيل پرور چانڊيو سميت ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، ياد رهي ته سرڪاري وڪيل جي درخواست تي اي ٽي سي پاران غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت رد ڪئي وئي هئي، غني امان ۽ سرمد تي بارودي مواد هٿ اچڻ جو الزام آهي.