قمبر( رپورٽر) عدالت واره واسي شاگرد کي پوليس طرفان گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ايس ايڇ او سميت اهلڪار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي
قمبر جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ وارھه واسي ڀڳڙو لاڙ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته وارهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او امان الله سومرو ۽ گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار آصف چانڊيو منهنجي ڀائٽي سرفراز لاڙ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃي بي انتها تشدد ڪيو
سندس موقف هو ته پوليس ڀائٽي کي تشدد ڪرڻ سميت بجلي جا شاڪ به ڏنا آھن، اهڙي درخواست جي اڄ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي
ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد ظاهر ٿيڻ تي عدالت درخواست گذار کي ايس ايڇ او سميت مٿين اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي