شاگرد جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت کي خط
جُون 15, 2025
سکر (رپورٽر) اروڙ يونيورسٽي جي ڪينسر ۾ مبتلا شاگرد جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو.
اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ پاران وزيراعليٰ سنڌ کي خط لکيو آهي
وي سي خط ۾ اپيل ڪئي آهي ته يونيورسٽي جي ٽيڪسٽائيل ڊپارٽمينٽ جي ٽئين سيمسٽر جي شاگرد وقار علي گڏاڻي پٽ علي شير گڏاڻي جي مالي مدد ڪئي وڃي،
شاگرد هن وقت آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر جي علاج هيٺ آهي.شاگرد کي يونيورسٽي طرفان مڪمل اسڪالرشپ تي پڙهايو پيو وڃي، متاثر شاگرد جو والد هڪ رٽائرڊ فوجي آهي ۽ في الحال سيڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪري ٿو
علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ کان قاصر آهي. يونيورسٽي جي عملي ۽ فيڪلٽي طرفان هڪ ڏينهن جي پگهار گڏ ڪئي وئي آهي، پر اها رقم علاج لاءِ ناڪافي آهي. گهوٽڪي جي رهواسي شاگرد جي حڪومتي امداد سان نه رڳو هڪ قيمتي زندگي بچي سگهندي، پر هڪ محنتي شاگرد جي تعليم جو سفر به جاري رهي سگهندو.