سليمان لاشاري قتل ڪيس جو 9 سالن بعد نبيرو:ايس پي غلام سرور ابڙو جو پٽ آزاد

آگسٽ 10, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگرد سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ڌرين جو ٺاهه مڃي ورتو، 9 سالن بعد ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جي پٽ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌني ٿي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 9 سالن کانپوءِ سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي عدالت ڌرين وچ ۾ ٺاهه جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪيس جي پڄاڻي تي جوابدار سلمان ابڙو سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سليمان لاشاري جي قتل جو ڪيس ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جي پٽ سلمان خلاف داخل ڪيو ويو ھو 8 مئي 2014ع تي سلمان ابڙو پنهنجي ساٿين سان گڏجي او ليول جي شاگرد سليمان لاشاري کي قتل ڪيو هو

ڪراچي جي درخشان ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو

دهشتگردي ٽوڙ عدالت قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، پوليس موجب  9 سالن کانپوءِ مقتول جي وارثن جوابدارن کي قتل جو ڏوهه معاف ڪري ڇڏيو آھي

Leave A Comment