شاگرد محنت، ايمانداري ۽ پيشوراڻي مهارت تي ڌيان ڏين: راهو

  شاگرد محنت، ايمانداري ۽ پيشوراڻي مهارت تي ڌيان ڏين: راهو

نوابشاهه (بيورو رپورٽ) يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت اعليٰ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي يونيورسٽين کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. ڪالهه هتي قائدِ عوام ورسٽي (ڪوئيسٽ)جي 15هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪوئيسٽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ باصلاحيت انساني وسيلا تيار ڪري رهي آهي. هن شاگردن کي محنت، ايمانداري ۽ پيشوراڻي مهارت اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ تعليم يافته نوجوانن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ڪانووڪيشن ۾13 پي ايچ ڊيز، 9 ماسٽرز آف انجنيئرنگ،21 ماسٽر سائنس، 354 بيچلر آف انجنيئرنگ ۽ 194 بيچلر سائنس جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون، جڏهن ته  16 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ۽ 44 کي سلور ميڊل مليا.