شاھنواز ڪنڀر ڪيس: پوليس پاران ايف آءِ آر ختم واري درخواست رد

شاھنواز ڪنڀر ڪيس: پوليس پاران ايف آءِ آر ختم واري درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ  ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ پوليس انسپيڪٽر عنايت زرداري جي ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي,  ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي حراست دوران قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي, آئيني بينچ جوابدار پوليس انسپيڪٽر عنايت زرداري پاران ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي, ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيلن  سجاد چانڊيو، ڪاظم مهيسر ۽ فائزه عبيد عدالت آڏو پيش ٿي تفصيلي دليل پيش ڪيا،  جنهن کانپوءِ عدالت جوابدار پوليس انسپيڪٽر عنايت زرداري جي ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ واري آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي..