لاڙ پٽ جي مشھور تاريخي قديمي شھر ڪڍڻ سان تعلق رکندڙ لطيف شناس، شاھ لطيف جي رسالي چو حافظ ۽ مشھور سگھڙ فقير ممتاز علي جمالي 13اپريل 2026ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري جي جھان ڇڏي ويو. فقير ممتاز جمالي جي وڇوڙي سان سندس ھزارين دوستن، لاڙ پٽ جي لطيف سائينء جي عقيدتمندن، مٽ مائٽن جو جيء جھري پيو آھي. لطيف سرڪار جي جيڪا شاعري ھو منفرد انداز ۾ پڙھندو ھو، اھا اڄ به اسان جي ڪنن ۾ گونجي رھي آھي. ممتاز جمالي مونکي ته لطيف جي سر رام ڪلي جو رمتو جوڳي لڳندو ھو ـ ۽ لاڙ پٽ جي مختلف شھرن ڳوٺن ۾ وڃي لطيف جو ڪلام پيغام عام ڪندو ھو. جڏھن لطيف جي شاعري پڙھندو ھو ته دل کي سڪون اچي ويندو ھو. لطيف شناسي کيس ورٽي ۾ ملي ھئي. سندس وڏو فقير ڏاڏا بخشو جمالي جيڪو پنھجي دؤر جو وڏو سگھڙ، سخي، مھمان نواز، ھمدرد شخصيت ۽ اوطاقي ۽ لطيف شناس ھو۔ جيڪو شاھ لطيف جو ھم عصر فقير ھو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح اٽڪل ٽيهه سال سفر ۽ سياحت ۾ صَرف ڪيا ۽ دنيا جو گھڻو تجربو حاصل ڪيائين. گهڻائي ڏک ڏاکڙا ڏٺائين جهنگل جهاڳيائين، ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلا ڪيائين. پهريان پنج ڇهه سال گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گذاريائين، سنڌ جي اڪثر علائقن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪيائين ۽ ان کي پنهنجي شاعري ۾ سموهيائين، اُتي ڪاڇي جي ڪنڌي کي به نه وساريائين. ڪاڇو نهايت ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل علائقو رهيو آهي. هتان جي مفلوج زندگي کي به شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪيو آهي. لطيف سائين، چون ٿا ڪاڇي ۾ به ويو ھو ۽ ڪاڇي ۾ وسندڙ پسمانده زندگي بابت مختصر سهي پر نهايت جامح ۽ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري اُن جو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي. آڃان تائين اھا ڳالھ منجھيل آھي ته شاهه لطيف ڪاڇي جي سر زمين تي قدم گهمايا آهن يا نه؟ شاهه صاحب ڪاڇي جي علائقي جو سفر ڪيو آهي يا نه؟ انهيء بابت ڪي به ٺوس دليل ۽ حوالا نه ٿا ملن، نه وري ڪاڇي طرف سندس تڪيا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ـ يا ته ڪاڇي ۾ سندس تڪيا پنڌ پيچرا لکت ۾ نه اچي سگھيا آھن. البت سندن هڪ تڪيو شاهه صاحب جي نالي سان نئينگ شريف ۾ آهي، جيڪو جابلو علائقي ۾ سيوهڻ کان لاهُوت لامڪان ويندڙ رستي سان آهي. شايد شاهه صاحب سيوهڻ کان سنياسين سان شاهه لاهوت ويندي نئينگ شريف ۾ ترسيو هجي.
ڪاڇو ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏٺائين، ان بابت ڪو به ثبوت يا ڪا مستند معلومات موجود ناهي. پر سندس شاعري ۾ ڪجھ بيتن ۾ ڪاڇي جو ذڪر اچي ٿو، مثال طور:
ڪاڇي پيئي ڪُوڪ، آيل سنگھارن جي
مادر اُوءِ ملُوڪ، اٺي وِئڙا اُڪري.
…..
ڪاڇي ڪاهيائون. سچ ڪه سنگھارن لڏيو؟
مانُ تن ماريائون، پاڻان وِجھي گُوندَرين.
پر تازو ڪڍڻ ضلعي بدين جي بھترين ليکڪ احمد علي جمالي سان ڪچھري ٿي. سندس چوڻ آھي ته سندس وڏن کان ھو ٻڌندو اچي ته شاھ لطيف ھڪ دفعو ڪاڇي ۾ آيو ھو ۽ سڄو ڪاڇو گھميو ھو. شاھ لطيف جي ان سفر دوران ساڻن فقير بخشو جمالي جي ملاقات ٿي ۽ شاھ لطيف کي پنھنجي ڳوٺ محب جمالي منڌو فقير ۾ مھماني لاء وٺي آيو ھو۔ جڏھن ته ڏاڏو بخشو جمالي لطيف سائينء جي ڪاڇي واري سير سفر ۾ ڪافي ھنڌن تي گڏ ھو ـ ۽ لطيف سائينء مان ايترو ته متاثر ٿيو جو پاڻ کي لطيفي فقير سڏايائين ۽ جڏھن لطيف سرڪار ڀٽ وسائي ته ڏاڏو بخشو جمالي لطيف سائينء وٽان ڀٽ تان به ڀيرا پيو ڪندو ھو. ڏاڏو بخشو فقير جمالي جو خاندان ھن وقت ڪجھ ڪاڇي ۾، ڪجھ نواب شاھ ضلعي ۾ ۽ ڪجھ ڪڍڻ وٽ، ڪجھ ڪڍڻ ڀرسان رحيم فقير ڳوٺ ۾ رھي ٿو. ھي سڄو خاندان فقير سڏجي ٿو. رحيم فقير جمالي جي خاندان مان بھاول فقير جمالي پنھجي پٽن ۽ مٽ مائٽن سان گڏجي ڪاڇي مان لڏي پھرين نواب شاھ، بعد ۾ روزگار سانگي لاڙ پٽ واري علائقي ۾ زمين خريد ڪري پھنجي نالي سان ڳوٺ آباد ڪري اچي ويٺو. بعد ۾ سندس خاندان مان ڪافي ماڻھو ڪڍڻ شھر ۾ آباد ٿيا، جن ۾ فقير ممتاز جمالي به شامل آھي
فقير ممتاز المعروف منو جمالي 15مئي 1975ع تي راڄواھ لڳ ڳوٺ غلام علي جمالي ۾ لطيف شناس ناٿو فقير جمالي عرف محمد ابراھيم جمالي جي گھر ۾ جنم ورتوـ سندس خاندان جا مرد توڙي عورتون لطيف سرڪار جي شاعري پڙھندا ھئا. ائين کڻي چئجي ته کيس امڙ جيڪا لولي ڏني، اھا بث لطيف سائينء جون وايون ھيون. فقير ممتاز پرائمري کان ڏھ درجي تائين تعليم ڪڍڻ ۽ انٽر بدين مان حاصل ڪئي. جئين ته سندس سڄو خاندان لطيف سرڪار جو فقير ۽ لطيف شناس ھو، ان ڪري ننڍي ھوندي کان ھن لطيف سرڪار جو رسالو پڙھيو ۽ سندس شاعريءَ جو حفظ ڪري حافظ بنجي ويو. نه صرف شاھ سائينء جي شاعري پڙھندو ھو پر جھونگاريندو به ھو ۽ ھر بيت جون ظاھري باطني معنائون ٻڌائيندو ھو. پاڻ سرڪاري ملازم ھو، فلٽر پلانٽ جو ڪم ڪندو ھو. فقير صاحب کي لطيف سائينء جي سر گھاتو، رامڪلي، سامونڊي تي وڌيڪ عبور حاصل ھو. پاڻ خود سر رامڪلي جي ڪردارن جھڙو لڳندو ھو. پاڻ محفلن جو مور ھو. شادي جو ڪاڄ ھجي، ڪنھن جو تعزيتي تڏو ھجي، ڪٿي مھمان ٿي وڃي يا ڪو وٽس مھمان ٿي اچي پر فقير صاحب ھر ھنڌ جيئي لطيف جو نعرو بلند ڪري. لطيف سائين جي شاعري ۽ جيڪي شعر پڙھندو ھو، انھن جي تشريح ڪندو آھي. لطيف سائينء جي شاعري پڙھڻ جي حوالي سان به سندس ھڪ منفرد انداز ھو. سندس رڳ رڳ ۾ لطيف سائين ۽ سندس شاعري سمايل ھئي. سندس اچار ۽ تلفظ بنھ پڪو ۽ درست ھو. پروگرامن ۾ ماڻھو مرحوم ممتاز کان سر رامڪلي جي ٽيھ اکري ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا ھئا۔ سندس ڀٽائي جا بيت پڙھڻ جو ھڪ منفرد بھترين انداز ھو ـ پاڻ اڪثر روپا ماڙي ويجھو ڳوٺ شيخاڻي گھاڙي، بڙ جو ڍورو، بدين، ۾ وقت به وقت ٿيندڙ لطيفي محفلن ۾ وڃي شاعري ٻڌائيندو ھو۔ سندس خاندان مان سندس ڏاڏي حاجیاڻي، خديجه جمالي، ماما حُسين فقير جمالي، احمد علي جمالي، غلام رسول کاھوڙي، ۽ فقير محمد ابراھيم جمالي به لطيف شناس آھن. پاڻ اڪثر ڪڍڻ جي باغ در حسين تي تمام گھڻو ويھندا ھئا، جتي سندس لطيفي ڪچھري ٻڌڻ لاء شھر ۽ ڳوٺ جا ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا. محرم الحرام ۾ پھرين محرم کان چاليھي تائين سر ڪيڏاري جا بيت پرسوز آواز ۾ چوندو ھو ـ پاڻ اڪثر ڪارا ڪپڙا ۽ سائي چادر پائيندا ھئا. مرحوم کي ھڪ پٽ بابر علي جمالي ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي. فقير صاحب ممتاز علي شھر ڪڍڻ جي وچ ۾ محمود شاھ قبرستان ۾ ابدي ننڊ ستل آھن.