لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت پرويز الاهي سان ملاقات ڪري واپس اچڻ جو مشورو ڏنو آهي جڏهن ته اڳوڻو وڏو وزير ان موقعي تي خاموش رهيو
مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پنهنجي سئوٽ چوڌري پرويز الاهي سان ڪيمپ جيل ۾ اهم شخصيت جي موجودگي ۾ ملاقات ڪئي آهي
ذريعن جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت پرويز الاهي کي مسلم ليگ ق ۾ واپس اچڻ جو مشور ڏنو جنهن تي پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير خاموش رهيو
ذريعن موجب ق ليگ سربراهه جي پنهنجي سئوٽ سان ڪجهه ڏينهن اندر جيل ۾ اها ٻي اهم ملاقات هئي جنهن ۾ چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي خيريت معلوم ڪئي ۽ کيس اهم سياسي مشورا پڻ ڏنا
ان موقعي تي چوڌري شجاعت سان گڏ چوڌري وجاهت حسين ۽ چوڌري سالڪ حسين به موجود هئا