شديد گرمي ۽ حمل: خطرن کان تحفظ … الطاف ابڙو

                 حمل عورت جي جسم ۾ اهم تبديليون آڻيندو آهي، پر ان سان گڏ اهو ماحولياتي دٻاءَ جي خطرن کي به وڌائي ٿو. هن عرصي دوران شديد گرمي موسميات سان لاڳاپيل سڀ کان وڏن خطرن مان هڪ بڻجي وڃي ٿي. ماءُ جو جسم اڳ ئي وڌيڪ محنت ڪري رهيو هوندو آهي — تقريباً 50 سيڪڙو وڌيڪ رت گردش ڪري رهيو هوندو آهي، جسم جو بنيادي گرمي پد ٿورو وڌيل هوندو آهي، ۽ وڌندڙ جنين جي پرورش لاءِ جسم مسلسل سرگرم رهندو آهي. جڏهن جسم ڊگهي وقت تائين تيز گرمي پد جي سامهون اچي ٿو، ته هي نازڪ توازن متاثر ٿي سگهي ٿو. پاڻي جي کوٽ آساني سان ٿي سگهي ٿي، پليسينٽا ڏانهن رت جي وهڪري ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، ۽ سنگين پيچيدگين جهڙوڪ وقت کان اڳ ڄمڻ، گهٽ ڄمڻ وارو وزن، ۽ مرده ٻار جي پيدائش جا خطرا وڌي سگهن ٿا۔

                 جيئن جيئن عالمي گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ گرمي جون لهرون وڌيڪ شديد ۽ بار بار ٿي رهيون آهن، تيئن حمل دوران گرمي هڪ اهم عوامي صحت جو مسئلو بڻجي رهي آهي. جيڪو خطرو اڳ مخصوص علائقن تائين محدود هوندو هو، اهو هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عام ٿي چڪو آهي. جسماني تبديلين کي سمجهڻ، خبرداريءَ جي نشانين کي سڃاڻڻ، ۽ حفاظتي قدمن تي عمل ڪرڻ ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي صحت لاءِ انتهائي اهم آهي۔

اهم جسماني خطرا:

دل ۽ رت جي رڳن تي دٻاءُ

حمل دوران دل ۽ رت جي رڳن واري نظام تي قدرتي طور وڌيڪ بار پوي ٿو. رت جو مقدار وڌي وڃي ٿو، دل جي ڌڙڪن 10 کان 20 ڌڙڪن في منٽ تائين وڌي سگهي ٿي، ۽ دل کي وڌيڪ رت پمپ ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن پليسينٽا ۽ جنين کي غذائيت ملي سگهي.ٽ شديد گرمي هن دٻاءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿي. جسم پاڻ کي ٿڌو رکڻ لاءِ چمڙي جي ويجهو رت جي رڳن کي ڦهلائي ٿو ۽ رت کي چمڙي ڏانهن موڙي ٿو ته جيئن پگھر وسيلي گرمي خارج ٿي سگهي۔

هي عمل رحم ۽ پليسينٽا (ناڙ) جي ضرورتن سان مقابلو ڪري ٿو، جنهن سبب دل ۽ رت جي رڳن تي وڌيڪ دٻاءُ پوي ٿو. نتيجي ۾  پري ايڪليمپسيا ۽ حمل دوران هاءِ بلڊ پريشر جهڙين بيمارين جا خطرا وڌي سگهن ٿا. اهي حالتون ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون. جن عورتن کي اڳ ۾ هاءِ بلڊ پريشر، يا هڪ کان وڌيڪ حمل هجي، انهن ۾ خطرو وڌيڪ هوندو آهي. تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته شديد گرمي جو هڪ ڏينهن به حمل سان لاڳاپيل هاءِ بلڊ پريشر جي بيمارين جو امڪان وڌائي سگهي ٿو۔

جڏهن ماءُ جي جسم جو گرمي پد وڌي ٿو، ته جسم ماءُ کي ٿڌو رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. رت چمڙي ڏانهن وڌيڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب پليسينٽا (ناڙ) ڏانهن رت جي فراهمي گهٽجي سگهي ٿي. ان سان جنين تائين آڪسيجن ۽ غذائي مواد جي پهچ متاثر ٿي سگهي ٿي۔

جنين جي دل جي ڌڙڪن تيزي سان وڌي سگهي ٿي، جيڪا دٻاءَ جي نشاني ٿي سگهي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت کان اڳ يا جنين جي آڪسيجن جي کوٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔

بار بار يا ڊگهي عرصي تائين گرمي جي سامهون رهڻ رحم جي اندر واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ ۽ گهٽ ڄمڻ واري وزن جا خطرا وڌائي ٿو. خاص طور تي ٽئين ٽرائيمسٽر ۾، جڏهن جنين پليسينٽا جي صحيح ڪم تي وڌيڪ ڀاڙيندو آهي، گرمي جي اثرن بابت وڌيڪ احتياط ضروري هوندي آهي. تحقيق موجب گرمي پد ۾ هر 1°C واڌ سان وقت کان اڳ ڄمڻ جو خطرو لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته گرمي جي لهرن دوران اهو خطرو 16٪ کان 26٪ تائين وڌي سگهي ٿو۔

حمل جي شروعاتي مرحلي ۾ گرمي ۽ پيدائشي نقص

پهرين ٽرائيمسٽر دوران ٻار جا اهم عضوا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن، تنهنڪري اهو تمام حساس مرحلو هوندو آهي. ماءُ جي جسم جو گرمي پد جيڪڏهن 102°F (38.9°C) کان مٿي ٿي وڃي، ته اهو سيلن جي عمل، پروٽين جي ٺهڻ، ۽ نيورل ٽيوب جي بندش ۾ خلل وجهي سگهي ٿو۔

ان سان پيدائشي خرابين، خاص طور تي دل ۽ نيورل ٽيوب جي خرابين جا خطرا وڌي سگهن ٿا. طبي تحقيق حمل جي شروعاتي مرحلي ۾ احتياط جي اهميت تي زور ڏئي ٿي۔

خبرداري جون اهم نشانيون

حاملہ عورتون گرمي سان لاڳاپيل بيمارين جو وڌيڪ شڪار ٿينديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو جسم اڳ ئي گرمي پد کي منظم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري رهيو هوندو آهي. گرمي جي ٿڪاوٽ جلدي هيٽ اسٽروڪ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيڪا زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي ـ

اهم علامتن ۾ شامل آهن:

•گهڻي اڃ، سڪل وات، ڪارو پيشاب، يا پيشاب ۾ گهٽتائي

•چڪر اچڻ، مٿي ۾ سور، يا مونجهارو

•اوڪراڻ، الٽي، يا بک ۾ گهٽتائي

•تيز يا ڪمزور دل جي ڌڙڪن

•عضلاتي ڪمزوري يا سور

•اوچتو پگهر بند ٿيڻ يا چمڙي جو تمام گرم ٿي وڃڻ

•غيرمعمولي ٿڪاوٽ يا بيهوشي

جيڪڏهن اهي علامتون ظاهر ٿين، ته فوري طور ٿڌي يا ڇانوَ واري هنڌ تي وڃو، اضافي ڪپڙا لاهيو، ٿڌو پاڻي پيئو، ۽@ چمڙي تي ٿڌا ڪپڙا رکو. جيڪڏهن حالت شديد هجي،@ جهڙوڪ دورا پوڻ، جسم جو گرمي پد 103°F (39.4°C) کان مٿي ٿيڻ، يا ذهني حالت ۾ تبديلي اچڻ، ته فوراً طبي مدد حاصل ڪريو۔

روزانو جنين جي حرڪتن تي نظر رکڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن حرڪت گهٽ محسوس ٿئي، ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو وڃي۔

حفاظتي حڪمت عمليون ۽ بچاءُ:

صحت جا ادارا، جهڙوڪ سي ڊي سي ۽ اي پي اي، حاملہ عورتن کي شديد گرمي دوران وڌيڪ خطري واري آبادي قرار ڏين ٿا. احتياط جو مقصد جسم کي ٿڌو رکڻ ۽ گرمي جي اثرن کي گهٽائڻ آهي۔

مناسب هائيڊريشن

پاڻي جي کوٽ گرمي سان لاڳاپيل سڀني خطرن کي وڌائي ٿي. سڄي ڏينهن دوران باقاعدي پاڻي پيئندا رهو، ڀلي اُڃ محسوس نه ٿئي. پاڻي بهترين انتخاب آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن اليڪٽرولائيٽ مشروبات به فائديمند ٿي سگهن ٿا ته جيئن جسم ۾ لوڻ ۽ معدنيات جي کوٽ پوري ٿئي۔

هلڪو پيلو پيشاب سٺي هائيڊريشن جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ڪيفين گهٽ استعمال ڪريو ۽ شراب کان مڪمل پاسو ڪريو، ڇو ته اهي جسم مان پاڻي گهٽائين ٿا۔

وقت ۽ سرگرمين جو صحيح انتظام

گرمي جي تيز ترين وقت، عام طور صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين، ٻاهرين سرگرمين کان پاسو ڪريو۔ ضروري ڪم صبح سوير يا شام دير سان ڪريو۔

ٻاهر وڃڻ وقت ڇانوَ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪريو، ويڪري ٽوپي پائڻ، ۽ بار بار آرام ڪريو۔ گرمي جي خطرناڪ ڏينهن ۾ گهر اندر رهڻ بهتر آهي۔

ٿڌو ماحول برقرار رکڻ

ايئر ڪنڊيشننگ صرف آرام نه، پر طبي ضرورت ٿي سگهي ٿي۔ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهر جو گرمي پد 26°C (78°F) يا ان کان گهٽ رکو۔

جيڪڏهن گهر ۾ ٿڌو ماحول موجود نه هجي، ته لائبريرين، مالن، يا عوامي ٿڌي مرڪزن جو استعمال ڪريو۔ ٿڌا شاور، ڳچي تي آلا ڪپڙا، يا ٿڌا رمال به مددگار ثابت ٿين ٿا۔

مناسب لباس ۽  ڍِلا، ۽ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پائڻ گهرجن، خاص طور تي ڪپهه جهڙي ڪپڙي مان ٺهيل۔ ڳاڙهو يا ڪارو رنگ گرمي وڌيڪ جذب ڪن ٿا، جڏهن ته تنگ ڪپڙا هوا جي وهڪري کي محدود ڪن ٿا۔

سخت جسماني محنت کان پاسو ڪريو، ۽ جيڪڏهن ٻاهر ڪم ڪرڻو پوي ته ڪم جي وقت ۾ تبديلي يا مناسب سهولتن بابت سوچيو۔

اضافي احتياط

•پيدائش کان باقاعده اڳ چيڪ اپ ڪرائيندا رهو

•ڊاڪٽر سان گرمي جي خطرن بابت صلاح مشورو ڪريو

•وزن، بلڊ پريشر، ۽ جنين جي حرڪتن تي نظر رکو

•هنگامي صورتحال لاءِ اڳواٽ منصوبو تيار ڪريو

•ويجهن ٿڌين جڳهن ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن بابت ڄاڻ رکو

وسيع تناظر ۽ ڊگهي مدي وارا اثر

شديد گرمي سڀني حملن تي هڪجهڙو اثر نٿي وجهي۔ گهٽ آمدني وارن خاندانن، شهري گرمي وارن علائقن ۾ رهندڙ عورتن، ۽ محدود طبي سهولتن تائين رسائي رکندڙ ماڻهن لاءِ خطرا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا۔

وقت کان اڳ يا گهٽ وزن سان ڄمندڙ ٻار بعد ۾ ترقياتي دير، دل جي بيمارين، ۽ ميٽابولڪ مسئلن جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي سگهن ٿا۔

هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فردي احتياط سان گڏ سماجي سطح تي به قدم کڻڻ ضروري آهن، جهڙوڪ بهتر شهري منصوبابندي، حاملہ عورتن لاءِ محفوظ ڪم جا ماحول، ۽ موسمي تبديلي کي گهٽائڻ جون ڪوششون۔

مختصر طور، گرم ٿيندڙ دنيا ۾ حمل نوان چئلينج ضرور پيش ڪري ٿو، پر صحيح ڄاڻ ۽ احتياط سان انهن خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو۔ مناسب پاڻي پيئڻ، شديد گرمي کان بچڻ، ٿڌو ماحول اختيار ڪرڻ، ۽ شروعاتي علامتن کي سڃاڻڻ ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي حفاظت لاءِ اهم آهن۔ پنهنجي صحت ۽ حمل جي حالت مطابق هميشه ماهر ڊاڪٽر سان صلاح ڪريو۔ ماءُ کي ٿڌو ۽ محفوظ رکڻ ايندڙ نسل جي صحتمند مستقبل کي محفوظ بڻائڻ آهي۔

* پري ايڪليمپسيا حمل دوران ٿيندڙ هڪ خطرناڪ طبي حالت آهي، جنهن ۾ عورت جو بلڊ پريشر وڌي ويندو آهي ۽ جسم جي ڪجهه عضون، خاص طور گُردن ۽ جگر، تي اثر پئجي سگهي ٿو۔