شرابي مڙس بدسلوڪي سان گڏ تشدد ڪندو هو، : سيلينا جيٽلي    

شرابي مڙس بدسلوڪي سان گڏ تشدد ڪندو هو، : سيلينا جيٽلي    

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ)بالي ووڊ جي اداڪاره ۽ اڳوڻي مس انڊيا سيلينا جيٽلي پنهنجي مڙس پيٽر هاگ مٿان گهريلو تشدد (جذباتي، جسماني، جنسي ۽ زباني تشدد) جا الزام هڻي طلاق سان گڏ 50 ڪروڙ معاوضي ۽ ماهوار 10 لک خرچ جي گهر ڪئي آهي، عدالت پيٽر هاگ کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.هوڏانهن سيلينا جو چوڻ هو ته شادي کانپوءِ مڙس مٿس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي، هو ساڻس بدسلوڪي ڪرڻ سان گڏ تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، هن چيو ته  پيٽر هاگ جو رويو جارحاڻو آهي. کيس شراب جي لت پيل آهي، تشدد کان تنگ ٿي آسٽريا وارو گهر ڇڏي ڀارت اچڻو پيو.واضح رهي ته جوڙي جي 2010 ۾ شادي ڪئي هئي، کين ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آهي، ٽئي ٻار هن وقت پيٽر هاگ سان گڏ آسٽريا ۾ رهن ٿا.