شرارتي آنٽي، عمران خان جي چوٿين گهرواري، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل

مَي 31, 2023

لنڊن (م ڊ) برطانيا  واسڻ جيا خان پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان محبت جو اظهار ڪندي سندس چوٿين زال بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي، ڪانسرٽ ۾ شريڪ جيا خان صحافي سان ڳالهائيندي عمران خان کي شادي جي آڇ ڪئي

 هن چيو ته مان عمران خان جي شادي ٽوڙائي ان جي چوٿين زال بڻجڻ چاهيان ٿي، توڙي جو هتي مون لاءِ رشتن جي لائن لڳل آهي پر مان اڃا تائين سنگل آهيان، ڇو ته مان رڳو عمران خان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪڏهن عمران خان مون سان شادي ڪري ڇڏي ته اسان ٻئي سٺي زندگي گذاري سگهون ٿا

سندس چوڻ هو ته عمران خان هڪ بهادر شخص آهي، مان ٻن سالن کان ان جي محبت ۾ گرفتار آهيان

 عمران خان جي بشريٰ بي بي سان محبت جي سوال تي جيا خان چيو ته هر مرد ڪنهن ٻي عورت جي اچڻ کان اڳ اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندو آهي، مون سان ملڻ کانپوءِ ان جي سوچ تبديل ٿي ويندي

Leave A Comment