| شربت جا شوقين خبردار: وقت کان اڳ مري سگهو ٿا! |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) اسان مان اڪثر ماڻهو سافٽ ڊرنڪس، ميوي جي فليور وارا شربت ۽ انرجي ڊرنڪس شوق سان پيئندا آهن پر اها ڳالهه هاڻ ثابت ٿي آهي ته نه رڳو نشِي واريون شيون پر هي مٺا شربت به خطرناڪ آهن ۽ انهن کي گهڻي مقدار ۾ پيئڻ سان ماڻهو مري به سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي شربت نه رڳو دل جون بيماريون ۽ ٽائپ 2 شگر جا امڪان وڌائيندا آهن پر مجموعي صحت لاءِ به هاڃيڪار آهن. جنهن سان زندگي لاءِ خطرا وڌي ويندا آهن. عالمي ڊيٽا جو تجزيو ڪري اهي نتيجا ڪڍيا ويا آهن ته انهن شربتن جي گهڻي واپرائڻ جي ڪري ٽائپ 2 شگر جا 22 لک ۽ دل جي بيماري جا 12 لک ڪيس سامهون آيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ 3 لک 40 هزار ماڻهو مري ويا. ماهرن موجب اهي مٺا شربت ميٽابولڪ سسٽم ۾ خرابي، انسولين خلاف مزاحمت ۽ دير تائين رهندڙ سوڄ پيدا ڪن ٿا. ماهرن جي صلاح آهي ته انهن شربتن کي هفتي ۾ تمام گهٽ واپرايو وڃي ان جي ڀيٽ ۾ پاڻي واپرائڻ گهرجي.