شرجيل ميمڻ خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائيندڙ عدالت پهچي ويو

شرجيل ميمڻ خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائيندڙ عدالت پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مير رضا ڪيس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائيندڙ بلال وارثي اين سي سي آءِ اي جي نوٽيس کي چيلنج ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت اين سي سي آءِ اي کي درخواستگذار خلاف ڪارروائي کان مشروط طور تي روڪي کيس انڪوائري آفيسر آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت بلال وارثي کي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي درخواستگذار جي وڪيل طاهر اقبال چيو ته اين سي سي آءِ اي بلال وارثي کي 10 آگسٽ تي سمن جاري ڪري 13 آگسٽ تي اصل سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ طلب ڪيو هو، هن چيو ته درخواستگذار جو انهي اڪائونٽ سان ڪو به تعلق ناهي جنهن تان شرجيل ميمڻ خلاف پوسٽون ڪيون ويون آهن، درخواستگذار ۽ سندس خاندان کي هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي، جيڪڏهن درخواستگذار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته تفصيل ٻڌايا وڃن.