شرجيل پاران ييلو لائين ۾ ايندڙ رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم 

شرجيل پاران ييلو لائين ۾ ايندڙ رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ييلو لائين بي آر ٽي منصوبو مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته منصوبي ۾ دير کان بچڻ لاءِ يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا مامرا اڪلايا وڃن. ڪالهه سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ييلو لائين منصوبي جي تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺي منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ييلو لائين جي اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته سمورا ڪم رٿابندي موجب جاري آهن ، اميد آهي ته ايندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن تائين منصوبي جا ڊيپو مڪمل ٿي ويندا. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته عوام کي پيش ايندڙ تڪليفن کي نظر ۾ رکندي تاج حيدر پل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. تعميراتي ڪم ۾ پيش ايندڙ سموريون رڪاوٽون فوري طور ختم ڪيون وڃن. سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ ري لوڪيشن سان لاڳاپيل سمورا معاملا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا وڃن