شرجيل پاران گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بسن جو اعلان

  شرجيل پاران گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بسن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيئر وزير ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪارگردگي کان آگاهي ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون وڌائي گلشن معمار کان ٽاور تائين اليڪٽرانڪ بسون (اي وي بسون) ھلائي رھيا آهيون، جڏهن ته  ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد، شڪارپور کان سکر ۽ خيرپور کان روھڙي تائين پيپلز بسون شروع ڪري رھيا آھيون.