| شرجيل پاران 8 مارچ تي پنڪ اسڪوٽيز ورهائڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن تي عورتن ۾ مفت پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ورهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ واري تقريب ڪوٺائي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو هي قدم عورتن کي محفوظ، آزاد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ واري منصوبي جو حصو آهي. پنڪ اسڪوٽيز حاصل ڪندڙن کي روڊ سيفٽي ۽ اسڪوٽر سواري جي تربيت پڻ ڏني ويندي.