شرم ڪريو عهدا ۽ سيٽون ڇڏيو: اڊيالا نه اچڻ تي عليمه خان ناراض

شرم ڪريو عهدا ۽ سيٽون ڇڏيو: اڊيالا نه اچڻ تي عليمه خان ناراض

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي ڏينهن پارٽي اڳواڻن جي اڊياله جيل نه اچڻ تي عليمه خان ناراض ٿي وئي. عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان اڊياله جيل جي ٻاهران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارٽي جا اسيمبلي ميمبر اڊياله جيل ڇو نه آيا آهن؟ جيڪي ماڻهو اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ باني جي ووٽ سان ويٺل آهن انهن کي اڄ هتي هجڻ گهرجي ها؟ پارٽي اڳواڻ شاهد خٽڪ عليمه خان کي وضاحتون ڏنيون ۽ چيو ته مون اوهان جو بيان پارلياماني گروپ ۽ خيبرپختونخواهه جي ايم اين ايز گروپ ۾ شيئر ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته مون سڀني کي چيو هو ته اڊياله جيل پهچڻو آهي. ايندڙ هفتي خيبرپختونخواهه جا سمورا اسيمبلي ميمبر ۽ وڏو وزير هتي هوندا. عليمه خان چيو ته جيڪي ماڻهو اڊياله جيل نٿا اچي سگهن انهن کي عهدا ۽ سيٽون فوري طور تي ڇڏڻ گهرجن جن ماڻهن پي ٽي آءِ باني جي نالي تي ووٽ ورتا، انهن کي ٿورو ته شرم ڪرڻ گهرجي.