شروع ۾ ڪير کنگهندو نه هو، اوپرو محسوس ڪيم، ڪارڪردگي سان ماڻهن جا وات بند ڪيا: عثمان خواجه

شروع ۾ ڪير کنگهندو نه هو، اوپرو محسوس ڪيم، ڪارڪردگي سان ماڻهن جا وات بند ڪيا: عثمان خواجه

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجا پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي دور جي ڏکين مرحلن ۽ ٽيم جي ماحول بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. هڪ انٽرويو دوران عثمان خواجا چيو ته جڏهن مان پهريون ڀيرو ٽيم ۾ آيس ته مون کي سمجهيو ئي نه ويو، ڪيريئر جي شروعات ۾ مان ٽيم لاءِ اوپرو هئس، مون کي خبر هئي ته اهو سڀ انڪري هو ته مان ڪير آهيان ۽ ڪٿان آيو آهيان. مون شروع ۾ محسوس ڪيو ته مان آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واقعي فٽ ناهيان، پر جڏهن 2015ع ۾ ٻيهر واپسي ٿي ته اِهو بلڪل نئون احساس هو. عثمان خواجا جو چوڻ هو ته هاڻوڪي ٽيم جا سڀ رانديگر مون سان کيڏي وڏا ٿيا آهن، هو سڀ سپر اسٽارز آهن، واپسي تي مون کي گهر جهڙو ماحول محسوس ٿيو، تمام گهڻو لطف آيو، اهي رانديگر مون کي سمجهن ٿا.هن چيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ ماڻهن مون کي يا منهنجي ثقافت کي نه سمجهيو، رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن کي اندازو نه هوندو هو ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان، ماڻهو چوندا هئا ته عثمان سخت ٽريننگ نٿو ڪري، محنت نٿو ڪري، شام جو ساڍي ڇهين وڳي تائين مان بنا ڪجهه کائڻ پيئڻ جي ٽريننگ ڪندو هئس. ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها آيا، ماڻهو مون کان پُڇندا هئا ته مان اها طاقت ڪٿان حاصل ڪندو آهيان، ۽ بار بار ڪهڙي يقين سان واپسي ڪندو آهيان؟ مان چوندو هوس ته اهو سڀ منهنجي ايمان جي ڪري آهي، منهنجو ايمان آهي ته هر شيءِ هميشه اسان جي خواهش موجب ناهي ٿيندي.“ آسٽريلوي بيٽر وڌيڪ چيو ته منهنجو اهو ئي سفر آهي، الله جو منهنجي لاءِ اهو ئي منصوبو آهي ته مون کي بس محنت جاري رکڻي آهي، عربيءَ جو هڪ لفظ آهي ”توڪل“، منهنجو به الله تي ئي ڀروسو آهي، مون کي پڪ آهي ته منهنجي لاءِ اڳتي ڪجهه وڌيڪ بهتر لکيو ويو هوندو، مان هڪ ٻچڙيوال ماڻهو آهيان، ۽ مان پنهنجي فيملي کي ڏاڍي اهميت ڏيندو آهيان