| شريا گھوسل سان ‘تيرا وو پيار’ گانو ڳايو هو: شجاع حيدر |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني ميوزڪ ڊائريڪٽر ۽ ڳائڻي شجاع حيدر انڪشاف ڪيو آهي ته هن 2008 ۾ رليز ٿيل ڀارتي فلم ”روبرو“ لاءِ ڳائڻي شريا گھوسل سان گڏ ‘تيرا وو پيار’ گانو ڳايو هو. پوڊ ڪاسٽ ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هن بالي ووڊ ۾ به ڪم ڪيو ان وقت شريا ايتري مشهور نه هئي، هن صرف پيا بسنتي ري ۽ ايم ٽي وي تي هلندڙ گانا ڳايا هئا. شجاع چيو ته ان وقت هندستاني سمجهندا هئا ته پاڪستاني پاپ ميوزڪ ۾ اڳڀرا آهن، جيتوڻيڪ ائين ناهي، اسان پاپ ميوزڪ کانسواءِ ٻيا گانا به ڳائيندا آهيون. شجاع حيدر چيو ته اوهان کي شريا کي ٽي وي ۽ رڪارڊ ٿيل گيتن بجاءِ سامهون ٻڌڻ ۾ وڌيڪ مزو ايندو