| شرڌا ڪپور ۽ راهول موڊيءَ جي شاديءَ جا افواهه وڌي ويا |
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور جي سندس مبينا بواءِ فرينڊ راهول موڊي سان اُدي پور ۾ شاديءَ جون افواهون هلي رهيون آهن، جنهن تي سندس ڀاءُ سڌانُٿ ڪپور رد عمل ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي افواهه هلي رهيا آهن ته شرڌا ڪور پنهنجي مبينا بواءِ فرينڊ راهول موڊي سان ڀارتي رياست راجسٿان م سياحتي شهر اُدي پور ۾ ڊيسٽي نيشن ويڊنگ ڪرڻ وڃي رهي آهي، ياد رهي ته ادي پور ڊيسٽي نيشن ويڊنگ جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي، جتي ڀارت جا ارب پتي ماڻهو ۽ نامور بالي وڊ ستارا به شاديون ڪري چڪا آهن، جن م وڪي ڪوشال ۽ ڪترينا ڪيف جي شادي به شامل آهي. شرڌا ڪپور جي شادي بابت هڪ پوسٽ ۾ لکيو يوو ته شرڌا ڪپور جي باري ۾ اطلاع آهن ته اها شادي ڪرڻ وڃي رهي اهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين ڪو با ضابطه اعلان ناهي ٿيو، پرمداح ان خبر تي خوشي۽ اداسي جھڙا گڏيل جذبات محسوس ڪري رهيا آهن. هوڏانهن شرڌا ڪپور جي ڀاءُ سنڌانٿ ڪپور ڪمينٽ ۾ حقيقت واضح ڪندي لکيو ته اها ته منهنجي لاءِ به هڪ خبر آهي ۽ گڏ ئي هن کلندڙ ايموجي به شيئر ڪئي. ياد رهي ته شرڌا ڪپور ۽ راهول موڊي کي 2024 جي شروعات ۾ گڏ ڏٺو ويو هو. شرڌا سوشل ميڊيا تي چند تصويرون به شيئر ڪيون، پر اڃا جوڙي پنهنجي سڱ بابت با ضابطه تصديق ناهي ڪئي.