| “شر-سيلرا ۽ دونڌا تڪرار” ميڙ منٿ قافلو علي گوهر مهر وٽ پهتو: ٺاهه ڪرائڻ جي اپيل |
خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) گهوٽڪي ضلعي جي رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ شر، سيلرا، دونڌو ۽ ڀٽا سميت مختلف برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارن جي خاتمي لاءِ مختلف سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ صحافين تي مشتمل امن ميڙ منٿ قافلو جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، اعظم سهرياڻي،حاجي شير محمد ڪوش، استاد محبوب گھوٽو، علي بخش ميراڻي، مظهر چاچڙ، گامڻ خان گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانڳڙهه جي گوهر پيلس پهتو جتي امن قافلي پ پ ايم اين اي علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪري کيس اپيل ڪئي ته رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ خوني تڪرارن سبب ڪيتريون ئي بيگناھ جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، تڪرارن جي حل لاءِ ڪچي جا ماڻهو به آمده آهن ته تنهن ڪري اوهان به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ڌرين جي ماڻهن توڙي پوليس انتظاميا سان ڳالهائي ڌرين ۾ صلح ڪرايو، امن قافلي کي موٽ ڏيندي علي گوهر مهر چيو ته اسين هميشه امن چاهيو آهي ۽ خانڳڙهه هميشه امن جو پيروڪار رهيو آهي، تنهن ڪري آئون هن خوني تڪرار جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺندس، امن قافلي سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علي گوهر مهر جو چوڻ هيو ته آئون هن امن قافلي جي اڳواڻن کي جس پيش ڪيان ٿو جن ڌرين ۾ ٺاھ لاءِ ڪوشش ورتي آهي، کين رب به اجر ڏيندو، هن چيو ته ٺاھ لاءِ ورندي جهيڙيندڙ ڌر ئي ڏئي سگهي ٿي آئون امن قافلي کي خاطري ڪرايان ٿو ته آئون ڌرين کي ٺاھ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، ڌرين کي گذارش ڪندس ته ٺاھ ڪيو ته دل سان ڪيو ته جيئن تڪرار هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن، ماضي ۾ ڌرين جا فيصلا ٿي چڪا آهن پر ڪجهه سالن کانپوءِ ڌريون ٻيهر وڙهي پون ٿيون، هن چيو ته انهن معاملن جي حل لاءِ مک ذميواري حڪومت جي آهي حڪومت کي گهرجي ته جهيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن کي گهرائي کين چئي ته هو پنهنجي برادرين سان ڳالهائي فيصلا ڪرائي،ڌرين جو جيڪو به نقصان ٿيندو آهي ان جو ازالو به ٿيندو آهي، خانڳڙهه جي خواهش رهي آهي ته ڌرين جو ٺاھ ٿئي، ڌرين جي مرضي آهي جنهن کي امين چونڊين ،آئون ۽ منهنجو تڏو حاضر آهي، علي گوهر خان مهر آخر چيو ته اوهان کي ٻن ڏينهن اندر خبر پئجي ويندي ته آئون جهيڙيندڙ ڌرين توڙي حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جلد ڌرين ۾ ٺاھ ڪرايو ويندو.