شر_سيلرا ۽ ڌونڌا تڪرار جي نبيري جي اميد، ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿي ويون

شر_سيلرا ۽ ڌونڌا تڪرار جي نبيري جي اميد، ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿي ويون

ڏهرڪي/اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) اواٻاوڙي ۽ رائونتي جي جي شر _ سيلرا _ڌونڌو ۽ ٻين تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ امن قافلو ڌونڌو برادري جي چڱي مڙس مولابخش پنهور ۽ سيلرا برادري جي چڱي مڙس احمد خان سيلري وٽ پهتو، ان موقعي تي امن قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ ،  لعل شاه بخاري، لطيف وسير ، اعظم سهرياڻي، علي بخش ميراڻي اڪبر علي گنمب ۽ ٻيا موجود هئا. سيلرا براي جي چڱي مڙس احمد خان سيلري ۽ ڌونڌو برادري جي چڱي مڙس مولابخش پنهنور امن قافلي کي موٽ ڏيندي چيو ته اسين امن پرست آهيون امن چاهيون ٿا جتي به فيصلي  تي ڌريون جهڙي به امير  وٽ راضي ٿين اسين برداري سميت فيصلو ڪرڻ لاءِ راضي آهيون، احمد خان سيلرو پنهنجي برادري کي چيو ته نياڻيون ۽ پاڪ ڪتاب تي عمل ڪيو وڃي ۽ فائر بندي تي عمل ڪيو وڃي، جيڪو به منهنجي برادري جو ماڻهون ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪندو اهو منهنجي قوم مان نه هوندو. تنهن ڪري مان پنهنجي قوم کي چوان ٿو ته فيصلي جي تاريخ جلد مقرر ٿي ويندي برادري صبر کان ڪم وٺي جنهن کان پو۽ امن قافلو ٻيروٽا ڏهرڪي طرف شهريار خان شر ڏانهن روانو ٿي ويو . ٻئي پاسي امن قافلو شهريار شر وٽ پهتو، شهريار شر پاران ٺاه لاء راضپو  ظاهر ڪيو ويو. سيد لعل شاهه، گامڻ خان گبول، علي بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شر برادري جي سردار شهريار شر وٽ پهتو. ان موقعي تي شهريار شر چيو ته اسان فيصلي لاء راضي آھيون ، سڀ کان پهرين ته علائقي جي چڱن مڙسن جو فرض آھي ته جهيڙن جي روڪٿام لاء اپاء وٺن ، ايس ايس پي گهوٽڪي کي گهرجي ته ڌرين کي جلد فيصلي لاء ويهاريو وڃي قانون طاقتور آھي قانون کي تحرڪ وٺڻ گهرجي،  سنڌ حڪومت  ۽ پيپلز پارٽي جي  اڳواڻن اسان کي گهرائي چيو آھي ته جلد ٺاه ڪريو  باقي ڪجهه ڏوهاري قسم جا ماڻهو آھن جيڪي جهيڙو چاهين ٿا ،  انسانيت جو درد رکندڙ سڀ ماڻهو صلح چاهين ٿا ،  اڄ کان پوء مان به امن قافلي سان گڏ هلڻ لاء  تيار آھيان جنهن ڏي چوندا وي مان هلڻ لاء تيار آھن ، اسان  سردارن جا پاڻ ۾ سياسي اختلاف ضرور آھن پر ذاتي اختلاف ناهن فيصلو جلد ٿي ويندو انشاء الله ۽ ڏوهارين ۽ روپوش ماڻهن لاء سنهري موقعو آھي ته فيصلي ٿيڻ بعد پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن ، جيڪي سال ٻن ۾ آزاد ٿي ويندا جهيڙندڙ ڌرين کي گهرجي ته صبر مان ڪم وٺن هڪ ٻئي جي رستا روڪ نه ڪن جلد فيصلو ٿي ويندو،