شعلي ۾ بچي ويل ويرو اکر ڀوري کانسواءِ دنيا ڇڏي ويو

شعلي ۾ بچي ويل ويرو اکر ڀوري کانسواءِ دنيا ڇڏي ويو

ممبئي (م ڊ) بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سومر ڏينهن ڌرميندر ممبئي ۾ پنهنجي گهر آخري ساهه کنيو، جڏهن ته سندس رهائشگاهه ٻاهران ڪيترن ئي بالي ووڊ ستارن ۽ گهروارن کي اڇن ڪپڙن ايندي ۽ ويندو ڏٺو ويو. اداڪار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، ڪجهه ڏينهن اڳ کيس ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ پڻ داخل ڪيو ويو هو. نامياري فلمساز ڪرن جوهر به انسٽاگرام تي ڌرميندر جي وفات جي تصديق ڪئي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ڌرميندر پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1960 ۾ فلم ”دل ڀي تيرا هم ڀي تيري“ کان ڪئي هئي. سال 2012 ۾ ڀارتي سرڪار طرفان کيس ملڪ جي ٽئين وڏي شهري اعزاز ”پدم ڀوشن“ سان نوازيو ويو هو. ڌرميندر 8 ڊسمبر 1935ع تي پنجاب جي ضلعي لڌيانا جي ڳوٺ نصرالي ۾ هڪ پنجابي گهراڻي ۾ ڄائو. هن جو پورو نالو ڌرميندر ڪيول ڪرشن ديول آهي، ۽ سندس اباڻو ڳوٺ ڊانگون آهي، جيڪو پکوال تعلقي راڪوٽ، لڌيانا ضلعي ۾ اچي ٿو1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڌرميندر هڪ فلمي مقابلي ۾ حصو ورتو هو. ڌرميندر جي اداڪارا هيما مالني سان جوڙي ڏاڍي مشهور ٿي ۽ پوءِ ٻنهي هميشه هميشه لاءِ هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد آهي. ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي ڪيريئر ۾ ڌرميندر ڪيئي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ شعلي، ميرا نام جوڪر، ڪاجل، راجا راني، ڌرم وير، چپڪي چپڪي، آنکين، ميري همدم ميري دوست، آيا ساون جهوم ڪي، ميرا گائون ميرا ديش، لوفر، اپني شامل آهن.