| شفاف فيصلن سان ئي انصاف فراهمي يقيني ٿئي ٿي: وقتي چيف جسٽس |
سجاول/ميرپور بٺورو(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سجاول ۾ فيملي ڪورٽ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ رجسٽرار هاءِ ڪورٽ سنڌ آصف مجيد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سجاول زاهده پروين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو مشتري خانم، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سهيل احمد مشوري، ڊي سي سجاول زاھد حسين رند، ايس ايس پي سجاول علينه راڄپر، ڊسٽرڪٽ بار سجاول جو صدر سجاد علي خواجه، جنرل سيڪريٽري آفتاب پنهور سميت وڪيلن ۽ آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊسٽرڪٽ بار جو دورو پڻ ڪيو ۽ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي شجرڪاري مهم جي شروعاتي عمل کي هٿي ڏني. هن ڊسٽرڪٽ بار سجاول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي قائم مقام چيف جسٽس چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي جو اڄ سجاول جي سرزمين تي موجود آهيان جيڪا مزاحمتي صوفي شاعر شهيد شاھ عنايت، غلام مصطفي شاھ، غلام حسين رنگريز، سرويچ سجاولي، عزيز جعفراڻي، پوپ ڳائڻي سيد سليمان شاھ جي ڌرتي آهي. هن چيو ته رياست ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ قانون شڪن کي سزا ڏيڻ عدليه جي بنيادي ذميواري آهي، جنهن سلسلي ۾ جج صاحبان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته صحيح اسڪروٽني ۽ شفاف فيصلن وسيلي ئي انصاف جي فراھمي ممڪن ٿئي ٿي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو تہ وڪيل معاشري جا سڀ کان وڌيڪ ذهين ۽ باشعور فرد آهن، جڏهن ته سماجي برائين جي خاتمي لاءِ صحافين، سياستدانن، مقامي انتظاميا ۽ ٻين ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن نشاندهي ڪئي تہ منشيات ۽ گٽڪي سبب وات جي ڪينسر جا ڪيس سجاول ۽ ٺٽو ضلعن ۾ وڏي انگ ۾ سامهون اچي رهيا آهن، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. هن ذاتي خواهش جو اظهار ڪندي چيو تہ ٺٽو ۽ سجاول جا وڪيل گڏجي سماجي برائين خلاف منظم مهم هلائين، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. چيف جسٽس ٻڌايو ته سيشن ڪورٽ سجاول لاءِ سولر سسٽم جو ڪم جاري آهي ۽ لائبرري جي قيام لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. جڏهن ته ميرپور بٺورو سول ڪورٽ کي به ضروري سهولتون، جن ۾ سولر سسٽم بہ شامل آهي، فراهم ڪيون وينديون. تقريب ۾ هن وڪيلن جي جائز مطالبن جي حل جي پڻ خاطري ڪرائي. بعد ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ميرپور بٺورو پهچي سول ڪورٽ جي نئين تعمير ٿيل عمارت جو به افتتاح ڪيو.