شفاف چونڊن لاءِ نگران وفاقي وزيرن کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر، چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد بدلين ۽ مقررين تي پڻ پابندي لاڳو

ڊسمبر 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شفاف چونڊن لاءِ نگران وفاقي وزيرن کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

 نگران وزير فواد حسن فواد، صلاحڪار احمد چيما ۽ درخواستگذار کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن پاران درخواست تي 19 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪئي ويندي، درخواستگذار جانبدار نگران وزيرن کي هٽائڻ جي استدعا ڪئي هئي

ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي، اي سي پي چيو آهي ته انتهائي ضروري حالتن ۾ به بدلي ۽ مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کان اڳواٽ اجازت ورتي ويندي

ترجمان موجب رڳو ميڊيڪل جي بنياد تي موڪل جي اجازت هوندي، تعليمي ادارن جا آفيسر سياري جي موڪلن دوران به اسٽيشن نه ڇڏيندا، تعليمي ادارن جي آفيسرز کي ٽريننگ لاءِ هر وقت دستياب رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن موجب چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي اپيلٽ ٽربيونلز لاءِ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته  اي سي پي صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کي خط اُماڻي ڇڏيو آهي

 خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي پنجئِي هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز سان رابطو ڪري اپيلٽ ٽربيونلز لاءِ تجويزون ورتيون وڃن، اپيلٽ ڪورٽس ۾ نامزدگي ڪاغذن بابت آر اوز جي فيصلن کي چئلينج ڪري سگهبو

Leave A Comment